اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس قرباني حب الوطني، جرئت ۽ فرض شناسي جي لازوال مثال آهي. خميس تي راشد منهاس شهيد جي 55 هين ورسي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته راشد منهاس شهيد وطن جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي جان جي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس قرباني حب الوطني، جرئت ۽ فرض شناسي جي لازوال مثال آهي. خميس تي راشد منهاس شهيد جي 55 هين ورسي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته راشد منهاس شهيد وطن جي دفاع ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪئي، سندس بي مثال جرئت، فرض شناسي ۽ وطن سان محبت نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته راشد منهاس شهيد پاڪستان جي دفاع ۽ قومي سلامتي جي پختي عزم جو مظاهرو ڪيو، هو پاڪستان جو گهٽ عمر وارو سپوت آهي جنهن کي اعليٰ عسڪري اعزاز نشان حيدر ڏنو ويو. اسپيڪر چيو ته قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ اسان جي هٿياربند فوج هميشه لازوال قربانيون ڏنيون، راشد منهاس وطن جي دفاع ۾ جان قربان ڪري ثابت ڪيو ته ملڪي سلامتي هر شيءِ کان مٿانهين آهي، هن پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪري دشمن جي ناپاڪ عزمن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته شهيد قوم جا حقيقي هيرو آهن، قوم کي انهن تي فخر آهي، قوم شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. سردار اياز صادق پائيلٽ آفيسر راشد منهاس سميت سمورن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا به ڪئي.










