اسلام آباد-20 آگسٽ(اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پائلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر ) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن وطن جي دفاع، قومي وقار ۽ فرض جي ادائيگي خاطر پنهنجي حياتيءَ جو نذرانو پيش ڪري حب الوطني، شجاعت ۽ فرض شناسي جو اهڙو لازوال مثال قائم ڪيو جيڪو هميشه اسان لاءِ مشعل راهه رهندو. انهن خيالن جو اظهار …
پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران پائلٽ راشد منهاس شهيد (نشان حيدر ) جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ(اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پائلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر ) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن وطن جي دفاع، قومي وقار ۽ فرض جي ادائيگي خاطر پنهنجي حياتيءَ جو نذرانو پيش ڪري حب الوطني، شجاعت ۽ فرض شناسي جو اهڙو لازوال مثال قائم ڪيو جيڪو هميشه اسان لاءِ مشعل راهه رهندو. انهن خيالن جو اظهار هن راشد منهاس شهيد ( نشان حيدر ) جي 55 هين ورسي جي موقعي تي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا عظيم شهيد اسان جي قومي طاقت ۽ حوصلي جي علامت آهن اسان انهن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نٿا ڪري سگهون. الله سائين راشد منهاس شهيد سميت سمورن شهيدن جا درجات بلند فرمائي.










