اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد نشان حيدر جي ورسي تي سندس عظيم قرباني کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته راشد منهاس وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪري تاريخ رقم ڪئي. گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته راشد منهاس شهيد جي بهادري، جرئت ۽ فرض شناسي تاريخ جو روشن …
گهرو معاملن بابت وفاقي وزير پاران پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پائيلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد نشان حيدر جي ورسي تي سندس عظيم قرباني کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته راشد منهاس وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪري تاريخ رقم ڪئي. گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته راشد منهاس شهيد جي بهادري، جرئت ۽ فرض شناسي تاريخ جو روشن باب ۽ سموري قوم لاءِ مثال آهي، هن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي وطن جي حرمت جو دفاع ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته پاڪستان جا غيرتمند سپوت وطن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو ناهن ڪندا. محسن نقوي چيو ته راشد منهاس شهيد اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي ۽ هميشه زنده رهندو، سندس وطن لاءِ محبت جي لازوال قرباني کي قوم هميشه قدر جي نگاهه سان ياد رکندي.










