والاريل اولهندي ڪناري ۾ ٿيندڙ آبادڪاري علائقي جي اتر ۽ ڏکڻ وارن حصن وچ ۾ رابطو ختم ڪري ڇڏيندي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

گڏيل قومون- 20 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اولهندي ڪناري ۾ تازو ٿيندڙ غير قانوني اسرائيلي چوڪين جي قيام جي اطلاعن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو ان حوالي سان وڌيڪ قدمن کان پاسو ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سربراهه جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ خميس تي روزانو جي پريس بريفنگ دوران چيو ته گڏيل قومن جي …

گڏيل قومون- 20 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اولهندي ڪناري ۾ تازو ٿيندڙ غير قانوني اسرائيلي چوڪين جي قيام جي اطلاعن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو ان حوالي سان وڌيڪ قدمن کان پاسو ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سربراهه جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ خميس تي روزانو جي پريس بريفنگ دوران چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خاص طور تي اولهندي ڪناري ۾ غييرقانوي طور ٿيندڙ آبادڪاري بابت اڳڀرائي تي ڳڻتي آهي، جيڪا اولهندي ڪناري جي اتر ۽ ڏکڻ وارن حصن وچ ۾ رابطو ختم ڪري ڇڏيندي. ترجمان چيو ته ان جي نتيجي ۾ والاريل فلسطيني علائقي جي علائقائي سالميت تي سنگين اثر پوندا ۽ ٻه رياستي حل لاءِ وجودي خطرو پيدا ٿيندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسرائيل تي زور ڀريو ته هو ان معاملي ۾ وڌيڪ قدمن کان پاسو ڪري ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن مطابق 19 جولاءِ 2024ع جي انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي فيصلي جي روشني ۾ عمل ڪري.

مزید خبریں