جاپان جي ريلوي پٽڙين جي سار سنڀال جو ڪم بحال ڪندڙ 4 پورهيت ايڪسپريس ٽرين جي ٽڪر ۾ اچي اجل جو شڪار ٿي ويا

ٽوڪيو _ 20 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جي صوبي توچيگي ۾ ريلوي پٽڙين جي سار سنڀال جو ڪم ڪندڙ 4 پورهيت ايڪسپريس ٽرين جي ٽڪر ۾ اچي اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اهو واقعو خميس ڏينهن صبح جو پيش آيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن  چارئي پورهيت پٽڙين تان گاهه هٽائڻ جو ڪم ڪري رهيا …

ٽوڪيو _ 20 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جي صوبي توچيگي ۾ ريلوي پٽڙين جي سار سنڀال جو ڪم ڪندڙ 4 پورهيت ايڪسپريس ٽرين جي ٽڪر ۾ اچي اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اهو واقعو خميس ڏينهن صبح جو پيش آيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن  چارئي پورهيت پٽڙين تان گاهه هٽائڻ جو ڪم ڪري رهيا هئا ته ٽرين کين ٽڪر هڻي ڇڏيو. چئني پورهيتن کي بي هوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين مئل قرار ڏنو ويو. پوليس ۽ فائر فائٽرز حادثي جي جاچ جا تفصيل ۽ سبب  معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں