رياض-20 آگسٽ(اي پي پي ) سعودي عرب جي ڪنگ خالد انٽر نيشنل ايئر پورٽ جي عالمي ٽرمينل نمبر 5 تي سائلينٽ ايئرپورٽ پراجيڪٽ جي پهرين مرحلي جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن جومقصد پبلڪ انوينسمينٽ گهٽ ڪري مسافرن کي پر سڪون ۽ وڌيڪ آرامده سفر جو تجربو فراهم ڪرڻ آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اهو پراجيڪٽ مسافرن تائين معلومات جي فراهمي لاءِ ڊجيٽل اسڪرينز ۽ چئنلز تي دارومدا وڌائڻ آهي. …
ڪنگ خالد ايئرپورٽ جي عالمي ٽرمينل نمبر 5 تي سائلينٽ ايئر پورٽ پراجيڪٽ جي پهرين مرحلي جي شروعات

مزید خبریں
رياض-20 آگسٽ(اي پي پي ) سعودي عرب جي ڪنگ خالد انٽر نيشنل ايئر پورٽ جي عالمي ٽرمينل نمبر 5 تي سائلينٽ ايئرپورٽ پراجيڪٽ جي پهرين مرحلي جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن جومقصد پبلڪ انوينسمينٽ گهٽ ڪري مسافرن کي پر سڪون ۽ وڌيڪ آرامده سفر جو تجربو فراهم ڪرڻ آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب اهو پراجيڪٽ مسافرن تائين معلومات جي فراهمي لاءِ ڊجيٽل اسڪرينز ۽ چئنلز تي دارومدا وڌائڻ آهي. مسافر هاڻي ايئر پورٽ جي واٽس ايپ نمبر ويب سائيٽ نوٽيفيڪيشنز ذريعي پنهنجي فلائٽ اپ ڊيٽس کي فالو ڪري سگهن ٿا. ايئر پورٽ اختيارين جو چوڻ آهي ته پراجيڪٽ جي ٻين مرحلن جي لاڳو ڪرڻ جو اعلان مقرر وقت تي ڪيو ويند. واضح رهي ته گذريل سال جي اسڪاءِ ٽريڪس انڊيڪس ۾ ڪنگ خالد انٽر نيشنل ايئر پورٽ نمايان پوزيشنز حاصل ڪئي جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ بهترين ايئر پورٽ، سڄي دنيا ۾ بهترين نوان عالمي ٽرمينل ( ٽرمينل نمبر ون ) ۾ ٽئين رينڪنگ ۽ وچ اوڀر جي بهترين ايئر پورٽس ۾ چوٿين جڏهن ته 30 کان 40 ملين مسافرن جي ڪيٽيگري ۾ به چوٿين پوزيشن حاصل ڪئي. اسڪاءِ ٽريڪس برطانيا ۾ قائم هڪ عالمي ادارو آهي جيڪو سڄي دنيا جي هوائي اڏن ۽ فضائي ڪمپنينن جي سروسز ۽ مسافرن جي تجربن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ رپورٽ تيار ڪندو آهي.










