گڏيل قومون-20 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت اڳواڻن چيو آهي ته اولهه ڪناري ۾ شروع ڪيل اسرائيلي فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ 40 هزار فلسطيني شهري ڪرفيو سبب پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن جڏهن ته انهن کي روز مره جي ضرورتن تائين پهچڻ ۾ پڻ مشڪلاتون درپيش آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس ( او سي ايڇ …
اسرائيل پاران اولهندي ڪناري ۾ ڪرفيو لاڳو، 40 هزار فلسطيني گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-20 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت اڳواڻن چيو آهي ته اولهه ڪناري ۾ شروع ڪيل اسرائيلي فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ 40 هزار فلسطيني شهري ڪرفيو سبب پنهنجن گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن جڏهن ته انهن کي روز مره جي ضرورتن تائين پهچڻ ۾ پڻ مشڪلاتون درپيش آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه آفيس ( او سي ايڇ اي ) پنهنجي روزانو جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته اسرائيلي ڪرفيو جا فوري انساني اثر ظاهر ٿي رهيا آهن ڇو ته ماڻهو ضروري سامان ٻيهر حاصل نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي پنهنجي ڪم واري هنڌ تي وڃي سگهن ٿا. او سي ايڇ چيو ته اها ڪارروائي والاريل بيت المقدس کان 30 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ موجود الخليل گورنريٽ جي الظاهريه علائقي ۾ شروع ڪئي وئي. امدادي ادارن جي اندازي موجب 40 هزار ماڻهو جن ۾ ٻار به شامل آهن کي گهرن کان ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي. او سي ايڇ اي چيو آهي ته گهرن ۽ خاندانن جو تحفظ ضروري آهي . واضح رهي ته غزه سٽي جي بندرگاهه تي اسرائييل فضائي حملي ۾ 7 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن.










