اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي شام جو پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني وفد سان گڏ 19 کان 20 آگسٽ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي شام جو پرڏيهي وزير 19 آگسٽ کان ٻن ڏينهن جو پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي شام جو پرڏيهي وزير اسعد حسن الشيباني وفد سان گڏ 19 کان 20 آگسٽ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته علائقائي ۽ عالمي معاملا پڻ بحث هيٺ ايندا. هي دورو پاڪستان ۽ شام جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.










