اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار موريطانيا جي پرڏيهي وزير محمد سالم مرزوق سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي معاملن کي بحث هيٺ آندو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي موريطانيا جي پرڏيهي وزير محمد سالم مرزوق سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار موريطانيا جي پرڏيهي وزير محمد سالم مرزوق سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي معاملن کي بحث هيٺ آندو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ موريطانيا جي وچ ۾ مضبوط ۽ پراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.












