اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان آمريڪي سفارتخاني اسلام آباد جي ڊپٽي چيف آف مشن (نائب سربراهه مشن) نٽالي بيڪر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سفارتڪاري، علائقائي امن ۽ استحڪام، دهشتگردي خلاف سهڪار، افغانستان جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي مُدي واري اداره جاتي رابطن کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي اهم …
سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي آمريڪي سفارتخاني جي ڊپٽي چيف آف مشن سان ملاقات
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان آمريڪي سفارتخاني اسلام آباد جي ڊپٽي چيف آف مشن (نائب سربراهه مشن) نٽالي بيڪر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سفارتڪاري، علائقائي امن ۽ استحڪام، دهشتگردي خلاف سهڪار، افغانستان جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي مُدي واري اداره جاتي رابطن کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ڊپٽي چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي ناتن کي پارليامينٽ، حڪومت، ڪاروباري برادري، سول سوسائٽي ۽ عوامي سطح تي مسلسل ۽ بامعنيٰ رابطن ذريعي وڌيڪ مستحڪم بڻايو وڃي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ جٽادار سهڪار جو بنياد پهرين کان موجود آهي، جنهن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ مسلسل سياسي، پارلياماني ۽ سفارتي شموليت ضروري آهي، پاڪستان هڪ ذميدار رياست طور آمريڪا سان گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي ناتن کي اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جون پارليامينٽون عوامي نمائندگيءَ جو اهم ادارو هئڻ جي ناتي ٻه طرفن ناتن ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ هڪ مستقل بين الپارلياماني گروپ (آءِ پي جي) جي قيام جي تجويز تي ڳالهائيندي چيو ته ان طرح جي فورمن جو مقصد فقط وفدن جي دؤري يا رسمي ملاقاتون ناهن پر مسلسل پاريلاماني سفارتڪاري، اداره جاتي ڳالهين، پاليسي مٽاسٽا ۽ پيمائش جوڳا نتيجا حاصل هئڻ گهرجن. هن چيو ته ڄاڻايل پارلياماني گروپ ذريعي آمريڪي ڪانگريس ۽ پاڪستاني پارليامينٽ وچ ۾ باقاعده ۽ مسلسل رابطا قائم ڪري سگهجن ٿا، جنهن تحت گڏيل مفاد رکندڙ معاملن تي پاليسي ڳالهيون، باقاعده ملاقاتون، تجربن جي مٽاسٽا ۽ فالو اپ نظام واضح ڪيو وڃي. ڊپٽي چيئرمين دهشتگرديءَ جي چئلينج جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي هڪ گڏيل چئلينج آهي، جنهن جي تدارڪ لاءِ تجربن جي مٽاسٽا وڌيڪ اثرائتي بڻائي سگهجي ٿي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪ جي عوام خاص ڪري بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام امن جي قيام لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. افغانستان جي صورتحال تي ڳالهائيندي ڊپٽي چيئرمين چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن صرف افغانستان جي عوام لاءِ ئي نه پر پاڪستان، آمريڪا ۽ پوري خطي لاءِ امن، واپار، اقتصادي ترقي ۽ علائقائي رابطا ڪاريءَ جا نوان موقعا تلاش ڪري سگهن ٿا. موجوده علائقائي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي روشنيءَ ۾ پاڪستان هميشه ڳالهين، سفارتڪاري، تحمل ۽ پُرامن ذريعن سان تڪرارن جي حل جي حمايت ڪندو آيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميدار علائقائي ملڪ جي حيثيت سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، سفارتي رابطن ۽ باعزت سياسي حل جي ڪوششن جي حمايت جاري رکي سگهي ٿو. ڊپٽي چيئرمين چيو ته پاڪ آمريڪا ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي به مرڪزي اهميت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري، پاڪستاني شين لاءِ آمريڪي مارڪيٽ تائين بهتر پهچ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، ڪاروباري جدت ۽ نجي شعبي وچ ۾ رابطا ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن تي ٻَڌل ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهن ٿا. ان موقعي تي آمريڪي ڊپٽي چيف آف مشن پاڪ آمريڪا ناتن کي هٿي ڏيڻ ۾ پارلياماني رابطن جي اهميت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار، اقتصادي رابطن، عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پارلياماني، سفارتي، اقتصادي ۽ عوامي سطح جي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ باقاعده ۽ مسلسل رابطا برقرار رکيا ويندا، جڏهن ته گڏيل مفاد رکندڙ شعبن ۾ سهڪار کي عملي ۽ نتيجو ڏيندڙ بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون.












