حڪومت صحت جي شعبي ۾ جدت ۽ ريسرچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي: پروفيسر احسن اقبال

لاهور- 19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته هڪ مثالي هيلٿ پروفيشنل بڻجڻ لاءِ پيشيوراڻي لڳن، محنت ۽ جديد ريسرچ سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ اڻٽر آهي، حڪومت صحت جي شعبي ۾ جدت ۽ ريسرچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي ته جيئن پاڪستان صحت جي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻجي سگهي. هن اها …

لاهور- 19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته هڪ مثالي هيلٿ پروفيشنل بڻجڻ لاءِ پيشيوراڻي لڳن، محنت ۽ جديد ريسرچ سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ اڻٽر آهي، حڪومت صحت جي شعبي ۾ جدت ۽ ريسرچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي ته جيئن پاڪستان صحت جي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻجي سگهي. هن اها ڳالهه اميرالدين ميڊيڪل ڪاليج تحت رٿيل ريسرچ اينڊ ايجوڪيشن 2026ع ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪئي. ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ ۽ پرڏيهه مان طبي ماهرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. هن چيو ته جديد ريسرچ ۽ ٽيڪنالاجي ئي قومي ترقيءَ جي ضمانت آهي. ڊاڪٽرن کي عالمي ريسرچ ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان جوڙي اسان عالمي سطح تي پنهنجو مقام بڻائي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته طب جو مستقبل ريسرچ ۽ جديد تدريسي طريقن سان واڳيل آهي. پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۽ لاهور جنرل اسپتال جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر محمد فاروق افضل پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ميڊيڪل ايجوڪيشن ۾ جدت آڻڻ کانسواءِ عالمي معيار جا ڊاڪٽر تيار نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته اميرالدين ميڊيڪل ڪاليج، پي جي ايم آءِ هميشه طبي تعليم ۾ نون تجربن جو علمبردار رهيو آهي ۽ شاگردن کي ڪلاس روم کان ڪڍي ڪلينيڪل ۽ ريسرچ بيسڊ لرننگ طرف آڻڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي شاندار خدمتون ۽ مقالا پيش ڪرڻ تي مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ڪانفرنس ۾ فيڪلٽي ميمبرن، سينيئر پروفيسرن ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو.

مزید خبریں