اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اربع جي رات ۽ 20 آگسٽ دوران تيز برساتن سبب اسلام آباد، راولپنڊي، مردان، صوابي، پشاور، نوشهره، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي. ان دوران ڪشمير، مري، گليات، اسلام آباد/ راولپنڊي جي برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو به خطرو آهي، خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن، گلگت بلتستان، مري، گليات …
اربع جي رات ۽ 20 آگسٽ دوران تيز برساتن سبب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اربع جي رات ۽ 20 آگسٽ دوران تيز برساتن سبب اسلام آباد، راولپنڊي، مردان، صوابي، پشاور، نوشهره، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي. ان دوران ڪشمير، مري، گليات، اسلام آباد/ راولپنڊي جي برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو به خطرو آهي، خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، اولهه وارين هوائن جو سلسلو به ملڪ جي مٿانهين علائقن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. اڄ (خميس ڏينهن) اسلام آباد، پوٺوهار خطي، مٿانهين پنجاب، ڪشمير، مٿانهين/ وچولي خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران تيز برسات جو به امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، راولپنڊي ۾ اڪثر هنڌن تي جڏهن ته پوٺوهار خطي، اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات به پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي 46، دالبندين 45، سبي، دادو ۽ چلاس ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












