اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي شاگردن انڊس ڪنسورشيم پاران منعقد ٿيل نيشنل ڪلائيميٽ جسٽس يوٿ فلم فيسٽيول 2026ع ۾ ٽيون انعام ماڻي ورتو. اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ فيسٽيول جو موضوع "اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ انهن جو ڪردار" هو. مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ۽ نوجوان فلم سازن فيسٽيول ۾ حصو ورتو ۽ موسمياتي …
اسلام آباد ۾ ٿيل نيشنل ڪلائيميٽ جسٽس يوٿ فلم فيسٽيول 2026ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن ٽيون انعام ماڻي ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي شاگردن انڊس ڪنسورشيم پاران منعقد ٿيل نيشنل ڪلائيميٽ جسٽس يوٿ فلم فيسٽيول 2026ع ۾ ٽيون انعام ماڻي ورتو. اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ فيسٽيول جو موضوع "اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ انهن جو ڪردار” هو. مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ۽ نوجوان فلم سازن فيسٽيول ۾ حصو ورتو ۽ موسمياتي تبديلي، ماحولياتي چئلينجن ۽ ممڪن حلن کي اجاگر ڪندي دستاويزي فلمون پيش ڪيون. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي شاگردن شايان علي، عليشا رند، شهناز بلوچ ۽ ذوالفقار لاشاري تي ٻڌل گرُوپ جي ٺاهيل فلم ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. سينيٽر پونجو مل ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري تقريب ۾ اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ ڪامياب شاگردن ۾ ايوارڊ ورهايا.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري مختلف يونيورسٽين جي شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته نوجوان موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هِن چيو ته فيسٽيول جو موضوع موجُوده دور جي ماحولياتي چئلينجن سان تمام گهڻو لاڳاپيل آهي. هن زور ڏنو ته برقي گاڏين ڏانهن منتقلي تمام گهڻي ضروري بڻجي وئي آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي ملڪ ڪاربن جي اخراج کي گهٽائڻ ۽ صاف ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان حڪومت 2030ع تائين ملڪ ۾ 30 سيڪڙو نيون ڪارون برقي گاڏين جي شڪل ۾ وڪرو ڪرڻ جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر شاگردن ۽ ٻين سڀني شرڪت ڪندڙن کي انهن جي تخليقي ڪوششن ۽ موسمياتي تبديلي بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ دستاويزي فلم سازي لاءِ انڊس ڪنسورشيم جي واکاڻ ڪئي. تقريب ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام جي پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀار، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو جي شعبي ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي ۽ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو جي سينئر ٽيڪنيڪل صلاحڪار ذوالفقار پنهور شرڪت ڪئي. شاگردن جي ڪاميابي کي يونيورسٽي جي ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي شعبي لاءِ هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏنو ويو.










