اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته گوگل پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نئين ٽيلنٽ کي مضبوط بنائڻ ۽ مقامي ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم کي وڌيڪ معاونت فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، گذريل اڍائي سالن دوران آءِ ٽي روانگي واپار مسلسل اٽڪل 20 سيڪڙو جي شرح سان وڌي رهيو آهي جيڪو نجي شعبي ۾ …
گوگل پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نئين ٽيلنٽ کي مضبوط بنائڻ ۽ مقامي ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم کي مضبوط ڪندو: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته گوگل پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نئين ٽيلنٽ کي مضبوط بنائڻ ۽ مقامي ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم کي وڌيڪ معاونت فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، گذريل اڍائي سالن دوران آءِ ٽي روانگي واپار مسلسل اٽڪل 20 سيڪڙو جي شرح سان وڌي رهيو آهي جيڪو نجي شعبي ۾ ترقيءَ جي عڪاسي آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته گوگل جي آفيس پاڪستان جي ٽيڪ ٽيلنٽ کي هٿي ڏيڻ، عالمي ٽيڪنالاجي شعبي ۽ مقامي ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم ٻنهي کي مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته گوگل سميت ٻين وڏين عالمي ٽيڪنالاجيز ڪمپنين جي پاڪستان ۾ موجودگي وڌيڪ عالمي ڪمپنين کي ملڪ ۾ پنهنجي آپريشنز قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏينديون، وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي پاڪستان آمد ۽ ان جي عملي موجودگي عالمي ٽيڪ ڪمپنين جي پاڪستان جي معيشت ۽ قيادت تي اعتماد جي عڪاسي آهي. شزه فاطمه خواجه چيو ته وزيراعظم گذريل ٻن سالن دوران ڊجيٽل تبديلي جي ايجنڊا جي ذاتي طور تي قيادت ڪئي ۽ ڊجيٽل نيشن پاڪستان قدمن ذريعي ان حوالي سان واضح روڊ ميپ فراهم ڪيو. هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران وفاقي حڪومت جي ڊجيٽلائزيشن، ايف بي آر ۽ روينيو جي شعبي ۾ سڌارا، ڊجيٽل معيشت، ڪيش ليس ادائگين ۽ ڊجيٽل گورننس ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. هن چيو ته ملڪ جي فري لانسنگ معيشت به هلندڙ سال هڪ ارب ڊالرن کان وڌي چڪي آهي، انهن اڳڀرائين سان عالمي برادريءَ جو پاڪستان تي اعتماد وڌيو آهي. وفاقي وزير چيو ته بجيٽ ۾ آءِ ٽي صنعت کي خاص مراعتون به ڏنيون ويون آهن جن ۾ روانگي واپار لاءِ فائنل ٽيڪس رجيم ۽ روانگي واپار تي 0.25 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ شامل آهي. هن حڪومت يعني سمورن حڪومتي ادارن جي گڏيل سهڪار تي ٻَڌل طريقيڪار ۽ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ڪردار کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي وزارت، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ان جي لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ گوگل آفيس قائم ڪرڻ ممڪن بڻيو. هن چيو ته اهو اجتماعي سهڪار ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي جنهن سبب اڄ پاڪستان ۾ گوگل جي آفيس کولي وئي آهي. گوگل سان حڪومتي ڀائيواريءَ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 3 لک 50 هزار گوگل سرٽيفڪيشنز مڪمل ڪيا ويا آهن، حڪومت هن وقت گوگل جي سهڪار سان 3 هزار سرڪاري آفيسرن لاءِ سرٽيفڪيشن پروگرامز تي به ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته گوگل ڊولپرز گروپ سان گڏجي شروع ڪيل ”اي آءِ سکو“ پروگرام ۾ 17 هزار کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو، جن ۾ عورتن جي شرڪت 25 سيڪڙو رهي. هن چيو ته اٽڪل 50 هزار ڊولپرز کي گيمنگ ۽ اينيميشن جي شعبي ۾ تربيت ڏني وئي، جڏهن ته Think Apps ۽ App Design Master Classes ذريعي اٽڪل 120 ڪمپنين کي گيمنگ ۽ ڊزائن جي شعبن ۾ تربيت فراهم ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ ڪروم بڪ جي اسيمبلي لائن جو به افتتاح ڪيو ويو هو، گوگل ڪروم بڪس هاڻ مقامي سطح تي اسيمبل ڪيا پيا وڃن ۽ حڪومت مستقبل ۾ ان جي روانگي واپار جا امڪان به تلاش ڪندي. هن صحافت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تربيت فراهم ڪندڙ قدمن کي به اجاگر ڪيو. شزه فاطمه خواجه چيو ته انهن سمورن قدمن جو مقصد ان ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ آهي ته گوگل سان ڀائيواري پاڪستان جي مجموعي ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم کي معاونت فراهم ڪري رهي آهي ۽ اها گوگل سان حڪومت جي گڏيل سهڪار ۽ ٽيم ورڪ جو عملي مظهر آهي. وفاقي وزير چيو ته جولاءِ جي آءِ ٽي روانگي واپار جي انگن اکرن ۾ ساليانو بنيادن تي 18 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ هن مهيني پاڪستان 417 ملين ڊالرن جو آءِ ٽي روانگي واپار رڪارڊ ڪيو. هن ٻُڌايو ته ٽيڪنالاجي روانگي واپار جو واپاري سرپلس 85 کان 86 سيڪڙو آهي. سندس مطابق ان شعبي ۾ وڏي مشينري جي آمدني واپار جي ضرورت ناهي هوندي جنهن سبب روانگي واپار سان حاصل ٿيل آمدنيءَ جو وڏو حصو ملڪ ۾ ئي رهي ٿو، ان ئي سبب آءِ ٽي روانگي واپار پاڪستان جي معيشت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت ايندڙ مهينن ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي بابت وڌيڪ هاڪاري اڳڀرائي سان عوام کي آگاهه ڪندي رهندي.










