حيدرآباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام تدريس جي معيار ۽ تعليمي شعبن جي بهتري جي حوالي سان هڪ ٻي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، يونيورسٽي جي ترجمان موجب نيشنل ايگريڪلچر ايجوڪيشن ايڪريڊٽيشن ڪائونسل پاران يونيورسٽي جي پنجن شعبن کي بهتر ايڪريڊٽيشن رينڪنگ ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال هڪ مختصر تقريب دوران لاڳاپيل شعبن جي سربراهن ۾ ايڪريڊيٽيشن …
سنڌ زرعي يونيورسٽي جا 5 شعبا اعليٰ ايڪريڊٽيشن رينڪنگ ۾ شامل

مزید خبریں
حيدرآباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام تدريس جي معيار ۽ تعليمي شعبن جي بهتري جي حوالي سان هڪ ٻي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آھي، يونيورسٽي جي ترجمان موجب نيشنل ايگريڪلچر ايجوڪيشن ايڪريڊٽيشن ڪائونسل پاران يونيورسٽي جي پنجن شعبن کي بهتر ايڪريڊٽيشن رينڪنگ ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال هڪ مختصر تقريب دوران لاڳاپيل شعبن جي سربراهن ۾ ايڪريڊيٽيشن سرٽيفڪيٽ ۽ اي آءِ سي رپورٽون ورهايون، خبر موجب، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران يونيورسٽين جي تدريسي معيار ۽ مختلف تعليمي شعبن جي معيار جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم ڪيل نيشنل ايگريڪلچر ايجوڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل جي ٽيم سنڌ زرعي يونيورسٽي جي دوري دوران بائيو ٽيڪنالاجي، ڊيري ٽيڪنالاجي، فشريز اينڊ ايڪوا ڪلچر، پولٽري سائنس ۽ سوائل سائنس شعبن جو تفصيلي جائزو ورتو، ڪائونسل جي ٽيم پاران انهن شعبن ۾ تدريسي معيار، ليبارٽرين، فيڪلٽي، بنيادي ڍانچي، نصاب جي تياري ۽ ترقي، شاگردن جي جائزي ۽ تشخيص، شاگردن جي سهائتا ۽ تعليمي اڳڀرائي، تحقيق ۽ مشاورتي سرگرمين، انتظام، قيادت ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ سميت مختلف معيارن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته استادن، شاگردن ۽ معاون عملي کان پڻ تفصيلي راءِ حاصل ڪئي وئي، ڪائونسل پاران جاري ڪيل نتيجن موجب، سوائل سائنس شعبي 88.1 سيڪڙو اسڪور سان ڊبليو 2 رينڪنگ حاصل ڪئي، جڏهن ته پولٽري سائنس شعبي پنهنجي پهرين ايڪريڊيٽيشن ۾ ايڪس 2، بائيو ٽيڪنالاجي شعبي ايڪس 3، ڊيري ٽيڪنالاجي شعبي پنهنجي پهرين ايڪريڊيٽيشن ۾ ايڪس 3 ۽ فشريز اينڊ ايڪوا ڪلچر شعبي پنهنجي پهرين ايڪريڊيٽيشن ۾ واءِ 1 رينڪنگ حاصل ڪئي. ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيل مختصر تقريب دوران وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، سوائل سائنس شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر الله وڌايو ، پولٽري سائنس جي سربراهه ڊاڪٽر ناصر راجپوت، بائيو ٽيڪنالاجي جي سربراهه ڊاڪٽر محرم علي قمبراڻي، ڊيري ٽيڪنالاجي جي سربراهه ڊاڪٽر عطا حسين شاهه ۽ فشريز اينڊ ايڪوا ڪلچر جي سربراهه ڊاڪٽر محمد بچل ڀٽو کي نيشنل ايگريڪلچر ايجوڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل پاران جاري ڪيل ايڪريڊيٽيشن سرٽيفڪيٽ ۽ اي آءِ سي رپورٽون پيش ڪيون، تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۽ ڊگري پروگرامن جي رينڪنگ ۾ بهتري استادن، شعبن جي سربراهن ۽ مددگار عملي جي مسلسل محنت ۽ عزم جو نتيجو آهي، جيڪو يونيورسٽي لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. هن چيو ته بدلجندڙ عالمي صورتحال، ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ خانگي توڙي صنعتي شعبن ۾ وڌندڙ مقابلي کي نظر ۾ رکندي فيڪلٽي کي وڌيڪ محنت ۽ تعليمي معيار ۾ مسلسل بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ملڪ جي اهم زرعي يونيورسٽين مان هڪ ۽ سنڌ صوبي جي واحد زرعي يونيورسٽي هجڻ جي حيثيت سان قومي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي وڌيڪ ذميواري رکي ٿي، ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته يونيورسٽي ۾ وقت جي ضرورتن مطابق نوان شعبا ۽ ڊگري پروگرام شروع ڪيا ويندا، جڏهن ته جلد فاريسٽري ۽ جيوگرافيڪل انفارميشن سسٽم(جي آءِ ايس) سان لاڳاپيل ڊگري پروگرام پڻ شروع ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، هن چيو ته ملڪ جون يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورت ۽ طلب کي نظر ۾ رکندي پنهنجن تعليمي پروگرامن جو جائزو وٺي رهيون آهن، جنهن تحت ڪجهه ڊگري پروگرام ختم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪيترائي نوان پروگرام متعارف ڪرايا پيا وڃن. سنڌ زرعي يونيورسٽي پڻ جديد گهرجن مطابق پنهنجن تعليمي پروگرامن کي وڌيڪ وسيع ڪري رهي آهي، ان موقعي تي ڪوالٽي انہانسمينٽ بابت وائيس چانسلر جي صلاحڪار ڊاڪٽر سليم مسيح ڀٽي پڻ خطاب ڪيو، تقريب ۾ نيشنل ايگريڪلچر ايجوڪيشن ايڪريڊيٽيشن ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، ڊين ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، ڊين ڊاڪٽر منير احمد مڱريو ۽ رجسٽرار غلام محي الدين قريشي سميت ٻين استادن ۽ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.










