لاڙڪاڻو- 19 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ پوليس مقابلي دوران ڪار چوري ڪندڙ ٻه انتھائي گھربل ملزم مارجي ويا جن وٽان هٿيار ۽ چوري ٿيل گاڏي هٿ ڪئي وئي آهي. تفصيل مطابق وليد ٿاڻي جي حد آريجا روڊ واري علائقي ۾ پوليس پاران گاڏي روڪڻ جي ڪوشش دوران ھٿيار بند جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ھٿيار بند ڏوھاري مارجي ويا. ڏوھارين جي …
لاڙڪاڻي ۾ پوليس مقابلو، ڪار چوري ڪندڙ ٻه انتھائي گھربل ملزم قتل، هٿيار ۽ چوري ٿيل گاڏي هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 19 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ پوليس مقابلي دوران ڪار چوري ڪندڙ ٻه انتھائي گھربل ملزم مارجي ويا جن وٽان هٿيار ۽ چوري ٿيل گاڏي هٿ ڪئي وئي آهي. تفصيل مطابق وليد ٿاڻي جي حد آريجا روڊ واري علائقي ۾ پوليس پاران گاڏي روڪڻ جي ڪوشش دوران ھٿيار بند جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ھٿيار بند ڏوھاري مارجي ويا. ڏوھارين جي قبضي مان هڪ رائفل، هڪ پسٽل ۽ هڪ چوري ٿيل سوزوڪي مهران ڪار هٿ ڪئي وئي. هٿ ڪيل ڪار جي چوري جو ڪيس نمبر 195/2026ع ٿاڻي بهادرآباد ڪراچي ۾ داخل آهي. مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ بين الصوبائي ڪار چوري ڪندڙ گينگ جي اھم اڳواڻن گلشن گوپانگ ۽ غلام شبير ڪلھوڙو جي نالن سان ٿي آهي. ٻنهي مارجي ويل جوابدارن تي 100 کان وڌيڪ گاڏيون چوري ڪرڻ سميت مجموعي طور تي ڪيترن ئي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ نالا شامل هئا. ڄاڻايل جوابدار اڳ ۾ به لاڙڪاڻي ۾ پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ٿي جيل ويا هئا ۽ ان کان اڳ به ڄاڻايل جوابدارن کان لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي مان چوري ٿيل گاڏي به هٿ ڪئي وئي هئي. مارجي ويل جوابدارن خلاف ڪراچي، خيرپور ميرس، گھوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن مان ڪرمنل رڪارڊ اچڻ شروع ٿيو آهي. جن ۾ صدر ٿاڻو ڪراچي، آرٽلري ميدان، ڊفينس، ڪورنگي، بهادرآباد، عزيز ڀٽي، ماڊل ڪالوني، مبينا ٽائون، جوهر آباد، نيو ٽائون، درخشان، گزري، جمشيد ڪوارٽر، AVLC، ضلعي گھوٽڪي جي A سيڪشن ٿاڻي، ضلعي خيرپور ميرس جي گمبٽ ٿاڻو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جا وليد ٿاڻا ، تعلقه، رحمتپور، عاقل، باقراڻي ۽ علي گوهر آباد شامل آهن.










