پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ويجهي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ترقي ۽ انساني همدردي بابت ترجيحن، خاص طور تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، پائيدار ترقي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي مسلسل سهڪار کي ساراهيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ ويجهي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هو پاڪستان ۾ …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ترقي ۽ انساني همدردي بابت ترجيحن، خاص طور تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، پائيدار ترقي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي مسلسل سهڪار کي ساراهيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ ويجهي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هو پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ۽ هيومينٽيرين ڪوآرڊينيٽر محمد يحى سان ڳالهائي رهيو هو جنهن اربع ڏينهن هتي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد يحى جو سندس مقرري جي دوري دوران پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي شاندار خدمتن تي سندس ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان جي ترقي ۽ انساني همدرديءَ بابت ترجيحن خاص طور تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، پائيدار ترقي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي ٽيم جي مسلسل معاونت کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي ڪردار خاص طور تي 2022ع جي ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد يحى کي گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطا آفيس ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل ۽ ڊپٽي ايمرجنسي ريليف ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. هن نئين ذميواري سنڀالڻ جي لاءِ محمد يحى جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ ويجهي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي. وزيراعظم پاران ساراهڻ تي ٿورا ادا ڪندي محمد يحى پنهنجي مقرري واري دور جي دوران پاڪستان حڪومت پاران کيس ۽ گڏيل قومن جي ڪنٽري ٽيم کي فراهم ڪيل تعاون تي ٿورا ادا ڪيا. هن پاڪستان جي ترقي ۽ انساني همدرديءَ جي ايجنڊا جي حمايت جاري رکڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ ٻيا اعلى سرڪاري عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.

مزید خبریں