اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلن ۽ سفارشن تي عملدرآمد جي نگراني جي لاءِ موثر طريقيڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن شڪايت ڪندڙن کي فراهم ڪيو ويندڙ ريليف بامعنى ۽ موثر ثابت ٿئي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه وفاقي ٽيڪس محتسب ظفرالحق حجازي سان ڳالهائيندي چئي …
صدر پاران وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلن ۽ سفارشن تي عملدرآمد جي نگراني جي لاءِ موثر طريقيڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلن ۽ سفارشن تي عملدرآمد جي نگراني جي لاءِ موثر طريقيڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن شڪايت ڪندڙن کي فراهم ڪيو ويندڙ ريليف بامعنى ۽ موثر ثابت ٿئي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه وفاقي ٽيڪس محتسب ظفرالحق حجازي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ 2025ع جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب وفاقي ٽيڪس قانونن جي انتظام ۾ بدانتظامي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ناانصافين جي نشاندهي، جاچ، ازالي ۽ اصلاح جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر شڪايتن جي فوري ازالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعن جي وڌ کان وڌ استعمال تي پڻ زور ڏنو. صدر کي ٻڌايو ويو ته 2025ع دوران وفاقي ٽيڪس محتسب وٽ 37160 نيون شڪايتون داخل ٿيون جڏهن ته 35830 شڪايتن ۽ ڪيس اڪلايا ويا. ان کانسواءِ 13 ارب رپين کان وڌيڪ جي ريفنڊ ڪليمز جا فيصلا ڪيا ويا ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران متاثر ٽيڪس ڏيندڙن کي واجب الادا رقم ادا ڪئي وئي. ملاقات دوران سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هو.










