واپارين جي پُراڻي خواهش ”آسان ٽيڪس ايپ“ شروع ڪئي وئي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي ٽيڪس نظام سان ڪنهن به طبقي کي ٻاهر نٿو رکي سگهجي، حڪومت جو مقصد سمورن ڪاروباري طبقن کي قومي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ ۽ ٽيڪس نظام کي آسان، شفاف ۽ ڪاروبار دوست بنائڻ آهي، ننڍن دڪاندارن ۽ واپارين لاءِ متعارف ڪرايل آسان ٽيڪس اسڪيم انهي مقصد طرف اهم قدم آهي. اهڙو …

اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي ٽيڪس نظام سان ڪنهن به طبقي کي ٻاهر نٿو رکي سگهجي، حڪومت جو مقصد سمورن ڪاروباري طبقن کي قومي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ ۽ ٽيڪس نظام کي آسان، شفاف ۽ ڪاروبار دوست بنائڻ آهي، ننڍن دڪاندارن ۽ واپارين لاءِ متعارف ڪرايل آسان ٽيڪس اسڪيم انهي مقصد طرف اهم قدم آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ آسان ٽيڪس ايپ جي جاري ڪرڻ واري تقريب جي موقعي تي ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر جي چيئرمين راشد محمد لنگڙيال، ايف بي آر جي ميمبر حامد عتيق ۽ واپاري اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته واپارين جي پُراڻي خواهش رهي آهي ته ٽيڪس اسڪيم کي آسان ۽ عمل جوڳو بڻايو وڃي، ان لاءِ حڪومت موجوده اسڪيم ۾ طريقيڪار کي انتهائي سادو رکيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪوبه طبقو قومي ڌارا ۾ شامل نه ٿئي ته ٽيڪس نظام مؤثر انداز ۾ نٿو هلي سگهي، حڪومت چاهي ٿي ته ننڍا دڪاندار ۽ واپاري پيچيده طريقيڪار بدران هڪ سادي نظام تحت پنهنجون ٽيڪس ذميداريون پوريون ڪن ۽ غير ضروري ڏُکيائين کان محفوظ رهن. محمد اورنگزيب چيو ته واپاري پنهنجي ڪاروباري نوعيت ۽ ضرورت موجب ريگيولر ٽيڪس اسڪيم يا خاص ٽيڪس اسڪيم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، حڪومت جو مقصد ٽيڪس جي شرح ۾ غير ضروري واڌ ڪرڻ بدران ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن کي قومي نظام جو حصو بڻائڻ آهي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم ۾ ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، اسڪيم تحت هڪ صفحي تي ٻَڌل آسان ٽيڪس فارم متعارف ڪرايو ويو آهي جڏهن ته اسڪيم ۾ شامل دڪاندارن کي معمول جي آڊٽ ۽ پوائنٽ آف سيل جي شرط کان ڇوٽ حاصل هوندي. هن چيو ته جون ۾ اعلان ڪيل اسڪيم تحت ساليانو 20 ڪروڙ رپين تائين وِڪرو ڪندڙ دڪاندار فڪسڊ ٽيڪس نظام ۾ ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته اسڪيم کي اختياري رکيو ويو آهي، ننڍا دڪاندار چاهين ته ان اسڪيم بدران معمول جي ٽيڪس نظام ۾ به رهي سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس ڏيندڙن ۽ ڪاروباري برادريءَ سان اعتماد تي ٻَڌل ناتن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي، انهي مقصد تحت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ واپارين ۽ ڪاروباري نمائندن سان سڌيءَ ريت صلاح مشوري جو عمل جاري رکيو ويندو. هن چيو ته ايف بي آر چيئرمين به لاڳاپيل ڌُرين سان صلاح مشورا ڪري رهيو آهي، ڪراچيءَ کان پوءِ لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ به مشاورتي ويهڪون منعقد ڪيون وينديون ته جئين مقامي سطح تي ڪاروباري برادريءَ کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺي سندن حل لاءِ قدم کڻي سگهجن. هن واضح ڪيو ته جيڪي ماڻهو اسڪيم مان فائدو نه کڻندا ۽ ٽيڪس نظام جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪندا، انهن خلاف آئينده ضروري قدم کنيا ويندا، حڪومت جي پهرين ڪوشش سهولت، آگاهي ۽ صلاح مشوري ذريعي وڌ کان وڌ دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ آهي. محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي 25 کان 26 ڪروڙ آباديءَ واري ملڪ ۾ هر طبقي کي گڏ کڻي هلڻ اڻٽر آهي، ڪنهن هڪ طبقي کي نظرانداز ڪري ملڪ جو نظام نٿو هلائي سگهجي، عوام لاءِ نظام کي آسان ۽ مؤثر بنائڻ حڪومت جي بنيادي ترجيح آهي. ناڻي واري وزير دڪاندارن کي اپيل ڪئي ته هو نئين اسڪيم ۾ شامل ٿي ان مان ڀرپور فائدو کڻن. هن چيو ته اسڪيم جي ڪاميابيءَ لاءِ حڪمت، ايف بي آر ۽ واپاري برادري جو سهڪار بنيادي اهميت رکي ٿو. گڏيل ڪوششن سان ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ، معيشت کي دستاويزي بنائڻ ۽ ٽيڪس وصولين ۾ بهتري آڻڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته آسان ٽيڪس اسڪيم تحت ايپ ۾ رجسٽرڊ دڪاندارن جي وِڪري تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو جڏهن ته ايپ انهن واپارين لاءِ به دستياب آهي جيڪي اڃا تائين ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ناهن ٿيا. هن چيو ته پهرين کان ٽيڪس نظام ۾ موجود دڪاندار به ان ايپ ذريعي اسڪيم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، ايپ ذريعي ٽيڪس جي ادائگي ۽ ننڍن دڪاندارن کي رجسٽريشن حاصل ڪرڻ جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي. هن ٻُڌايو ته مقرر تاريخ کان پهرين رجسٽريشن ڪرائيندڙ دڪاندارن کي پليٽ مفت فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته مقرره تاريخ کانپوءِ رجسٽريشن ڪرائيندڙن کي پليٽ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ايپ کي سيپٽمبر تائين ٻين مقامي ٻولين ۾ به متعارف ڪرايو ويندو. هن چيو ته اسڪيم جي تياريءَ دوران واپاري اڳواڻن کي صلاح مشوري جي عمل ۾ شامل رکيو ويو ۽ واپارين جي رهنمائي ۽ صلاح مشوري سان اسڪيم کي حتمي شڪل ڏني وئي، اسڪيم جو اعلان 5 جون تي ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ تقريب ۾ ڪيو ويو هو، جڏهن ته بجيٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ ان جي عملي لاڳو ڪرڻ لاءِ تيارين جي شروعات ڪئي وئي. مملڪتي وزير چيو ته خاص ٽيڪس اسڪيم سان اربين رپين جو روينيو امڪان آهي، جيڪڏهن اسڪيم ڪامياب ٿئي ته ٽيڪس نظام ۾ موجود سيلري ڪلاس تي ٽيڪس جي بار کي گهٽ ڪرڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي، حڪومت جو مقصد ننڍين ڪاروباري ماڻهن کي سهولت فراهم ڪندي کين قومي ٽيڪس نظام جو حصو بڻائڻ آهي. ان موقعي تي ايف بي آر ميمبر حامد عتيق چيو ته اينڊرائيڊ موبائل صارفين لاءِ آسان ٽيڪس ايپ تيار ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي ننڍا دڪاندار انتهائي آسان طريقي سان پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي سگهن ٿا. ايف بي آر عملدارن موجب ايپ ذريعي دڪاندارن لاءِ ٽيڪس رٽرن فائل ڪرڻ جو عمل به آسان بنايو ويو آهي ۽ هو صرف 8 کان 10 ڪلڪس ۾ پنهنجو رٽرن فائل ڪري سگهندا. واپاري اڳواڻن آسان ٽيڪس اسڪيم جي جاري ٿيڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ هاڻ ملڪ کي معرڪه معيشت طرف وڌڻو پوندو. واپاري اڳواڻ ڪاشف چوڌري چيو ته هر واپاريءَ کي نيشنل ٽيڪس نمبر حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجا رٽرن فائل ڪرڻ جي ذميداري پوري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پنهنجا رٽرن فائل نه ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي، واپاري ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته حڪومت کين سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪري.

مزید خبریں