اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ جي شڪايتن جي فوري ۽ موثر ازالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ داخلي طريقيڪار ۽ نگراني جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه عورتن جي تحفظ بابت وفاقي محتسب کي ڪم جي جڳهه تي …
صدر آصف علي زرداري سان فوسپاهه جي محتسب فوزيه وقار جي ملاقات، اداري جي سالياني رپورٽ 2025ع پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ جي شڪايتن جي فوري ۽ موثر ازالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ داخلي طريقيڪار ۽ نگراني جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه عورتن جي تحفظ بابت وفاقي محتسب کي ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ کان تحفظ (فوسپاهه) جي محتسب فوزيه وقار سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي جنهن کيس اداري جي سالياني رپورٽ 2025ع پيش ڪئي. صدر ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ سان ماڻهو جي تحفظ جي فوسپاهه جي ڪردار کي ساراهيندي اداري پاران فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت عوامي آگاهي مهمن ۾ اضافي تي زور ڏنو. صدر کي ٻڌايو ويو ته 25 – 2024ع دوران فوسپاهه کي هراسمينٽ جون 1119 شڪايتون مليون جن مان 1047 شڪايتن جا فيصلا ڪيا ويا. اهڙي طرح ملڪيت کان محرومي بابت 352 شڪايتون مليون جن مان 238 شڪايتون اڪلايون ويون. صدر کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ شڪايتن جي داخلا ۾ 375 سيڪڙو اضافو ٿيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شڪايتن جو منصفاڻي ۽ ميرٽ تي جائزو ورتو وڃي ۽ قانوني گهرجن موجب مناسب طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ته جيئن هراسمينٽ جي حقيقي واقعن جو فوري ازالو ٿئي جڏهن ته الزامن جو قانون موجب احتياط سان جائزو ورتو وڃي. ملاقات دوران سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هو.










