لاڙڪاڻو- 19 آگسٽ (اي پي پي) عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر ڊاڪٽر شير شاهه سيد پاڪستان ۾ عورتن کي صحت جي درپيش مسئلن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال تقريباً هڪ لک مان 20 هزار عورتون عورتن جي بيمارين سان لاڳاپيل پيچيدگين جي ڪري حياتي وڃائي ويهن ٿيون، جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن ملڪن ۾ اهو انگ ڏهه کان ٻارنهن عورتن تي مشتمل آهي. اربع …
پاڪستان ۾ هر سال تقريباً هڪ لک مان 20 هزار عورتون عورتن جي بيمارين سان لاڳاپيل پيچيدگين جي ڪري حياتي وڃائي ويهن ٿيون، عورتن کي صحت جي تحفظ لاءِ جاڳرتا، تربيت يافته طبي عملو ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن: ڊاڪٽر شير شاهه سيد
لاڙڪاڻو- 19 آگسٽ (اي پي پي) عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر ڊاڪٽر شير شاهه سيد پاڪستان ۾ عورتن کي صحت جي درپيش مسئلن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال تقريباً هڪ لک مان 20 هزار عورتون عورتن جي بيمارين سان لاڳاپيل پيچيدگين جي ڪري حياتي وڃائي ويهن ٿيون، جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن ملڪن ۾ اهو انگ ڏهه کان ٻارنهن عورتن تي مشتمل آهي. اربع ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي (ايس ايم بي بي ايم يو) لاڙڪاڻي ۾ هڪ مزاحيه ۽ اصلاحي اسٽيج ڊرامو ”انارڪلي“ پيش ڪيو ويو. هي ڊرامو ڪوهي ڳوٺ ويمنز اسپتال جي تعاون سان پاڪستاني ڄائي آمريڪي ٿيٽر گروپ پاران پيش ڪيو ويو.

تقريب کان خطاب ڪندي عورتن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر ۽ ڪوهي ڳوٺ ويمنز اسپتال جي باني ڊاڪٽر شير شاهه سيد پاڪستان ۾ عورتن کي درپيش صحت جي مسئلن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر سال تقريباً هڪ لک مان 20 هزار عورتون عورتن جي بيمارين سان لاڳاپيل پيچيدگين جي ڪري حياتي وڃائي ويهن ٿيون، جڏهن ته آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن ملڪن ۾ هي تعداد ڏهه کان ٻارنهن عورتن تي مشتمل آهي. هن عورتن ۽ ٻارن جي صحت واري شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي فوري ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ فوري طور تي ٻه لک مڊوائف ۽ نرسن جي ضرورت آهي جيڪي ويم دوران عورتن جي زندگي بچائي سگهن.ڊاڪٽر شير شاهه سيد چيو ته ڪوهي ڳوٺ ويمنز اسپتال کي گڏيل قومن طرفان عالمي تربيتي مرڪز جو درجو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي عورتن ۽ ٻارن جي صحت جي سهولتن کي موثر بڻائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک مڊوائفز (Midwives) جي ضرورت آهي. هن طبي لحاظ کان مناسب صورتن ۾ نارمل ڊليوري جي حوصلا افزائي تي زور ڀريندي چيو ته غير ضروري طور تي سرجيڪل ڊليوري جي رجحان جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. هن عورتن جي زندگي ۽ صحت جي تحفظ لاءِ آگاهي، تربيت يافته طبي عملي ۽ بهتر ويم جي سهولتن جي فراهمي تي زور ڀريو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا.











