سيڪنڊ سيڊڊ فليڪس اوگرالياسيم، ٽيلر فريٽز سنسناٽي اوپن ٽينس مينز سنگلز ٽاپ 16 رائونڊ ۾ پهچي ويو

اوائيو- 19 آگسٽ (اي پي پي) ڪينيڊا جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ فليڪس اوگرالياسيم ۽ آمريڪي ٽينس اسٽار ٽيلر فريٽيز پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي سنسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق 26 سالن جو ڪينيڊين رانديگر فيلڪس اوگرالياسيم مردن جي سنگلز مقابلن جي ٽئين رائونڊ ميچ ۾ ارجنٽائن جي حريف رانديگر …

اوائيو- 19 آگسٽ (اي پي پي) ڪينيڊا جو مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊڊ فليڪس اوگرالياسيم ۽ آمريڪي ٽينس اسٽار ٽيلر فريٽيز پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو برقرار رکندي سنسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق 26 سالن جو ڪينيڊين رانديگر فيلڪس اوگرالياسيم مردن جي سنگلز مقابلن جي ٽئين رائونڊ ميچ ۾ ارجنٽائن جي حريف رانديگر جان مينوئل سيرونڊولو کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو جڏهن ته  آمريڪي رانديگر ٽيلر فريٽز اسپين جي حريف رانديگر ڊينيئل ميريڊاايگيولر کي شڪست ڏئي پري ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. آمريڪي رياست اوائيو جي شهر سنسناٽي ۾ جاري ايونٽ ۾ سخت مقابلن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي ٽينس جا دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. مردن جي سنگلز مقابلن جي ٽين رائونڊ ۾ 26 سالن جي ڪينيڊين رانديگر فليگس اوگرالياسيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهر ڪندي ارجنٽائن جي حريف رانديگر جان مينوئل سيرونڊولو کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 7-5 ۽ 6-1 تان هارائي ڪري ٽاپ 16 رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. هڪ ٻي ميچ ۾ 28 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ٽيلر گريٽز شاندار راند پيش ڪندي اسپين حريف رانديگر ڊينيئل ميريڊا ايگيولر کي اسٽريٽ ۾ 6-3 ۽ 6-4 تان شڪست ڏئي ايونٽ جي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.