وينس وليمز يو ايس اوپن لاءِ وائلڊ ڪارڊ حاصل ڪري ورتو، سيرينا جي شرڪت جو امڪان برقرار

نيويارڪ-19 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار وينس وليمز کي هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ويمنز سنگلز مقابلي لاءِ وائلڊ ڪارڊ ڏنو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يو ايس ٽينس ايسو سي ايشن ( يو ايس ٽي اي ) وائلڊ ڪارڊ جي هڪ سيٽ خالي رکي آهي ان لاءِ اهو چيو ٿو وڃي ته اها سيٽ سندس ننڍي ڀيڻ سيرينا وليمز لاءِ رکي …

نيويارڪ-19 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار وينس وليمز کي هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ويمنز سنگلز مقابلي لاءِ وائلڊ ڪارڊ ڏنو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يو ايس ٽينس ايسو سي ايشن ( يو ايس ٽي اي ) وائلڊ ڪارڊ جي هڪ سيٽ خالي رکي آهي ان لاءِ اهو چيو ٿو وڃي ته اها سيٽ سندس ننڍي ڀيڻ سيرينا وليمز لاءِ رکي وئي آهي. 46 سالن جي وينس وليمز پنهنجي ڪيريئر ۾ 7 گرينڊ سلام ٽائيٽلز کٽيا آهن، انهن مان 2 يو ايس اوپن جون ٽرافيون ( 2000ع ۽ 2001ع جون شامل آهن وينس سان گڏو گڏ 2017ع جي چيمپئين سلوني اسٽيفنز کي انٽري ڏني وئي آهي.  مين ڊرا جا مقابلا 30 آگست کان شروع ٿيندا. 44 سالن جي سيرينا وليمز جون ۾ ٽينس جي دنيا ۾ واپسي کانپوءِ ومبلڊن اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪئي هئي. ٻنهي ڀيڻن تازو ئي سنسناٽي اوپن ۾ ڊبلز جي مقابلي ۾ گڏ شرڪت ڪئي هئي. جنهن ۾ کين سخت مقابلي بعد شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو.