پاڪستان عالمي سطح تي انسانيت جي لاءِ عملي قدم کڻندڙ ملڪن ۾ سرفهرست ۽ عالمي برادري ۾ ضرورتمندن سان يڪجهتي ۽ تعاون جي هڪ ڊگهي ۽ قابل فخر روايت رکندڙ ملڪ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خدمت خلق، انساني همدرديءَ، انساني عزت ۽ وقار ۽ يڪجهتي جهڙن مثبت قدرن سان وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي انسانيت جي لاءِ عملي قدم کڻندڙ ملڪن ۾ سرفهرست ۽ عالمي برادري ۾ ضرورتمندن سان يڪجهتي ۽ تعاون جي هڪ ڊگهي ۽ قابل فخر روايت رکندڙ ملڪ آهي. انسانيت جي عالمي ڏينهن …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خدمت خلق، انساني همدرديءَ، انساني عزت ۽ وقار ۽ يڪجهتي جهڙن مثبت قدرن سان وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي انسانيت جي لاءِ عملي قدم کڻندڙ ملڪن ۾ سرفهرست ۽ عالمي برادري ۾ ضرورتمندن سان يڪجهتي ۽ تعاون جي هڪ ڊگهي ۽ قابل فخر روايت رکندڙ ملڪ آهي. انسانيت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان انسانيت جي عالمي ڏينهن تي دنيا سان هڪ آواز ٿي خدمت خلق جي جذبي، انساني همدرديءَ، انساني عزت ۽ وقار ۽ يڪجهتي جهڙن مثبت قدرن سان پنهنجي وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان انسانيت جي ڀلائي جي اعلى مقصد جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪندڙ خدمتگارن، ادارن ۽ تنظيمن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب عالمي سطح تي هي ڏينهن هر سال انهن 22 انسانيت جي خدمتن جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جيڪي 2003ع ۾ عراق ۾ گڏيل قومن جي آفيس تي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويا، هي ڏينهن مصيبت سٽيل علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي قربانين جو اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه اسان جي لاءِ فخر جوڳي آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي انسانيت جي لاءِ همدرديءَ جو جذبو رکڻ سان گڏوگڏ عملي قدم کڻندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي. گڏيل قومن جي امن دستن ۾ پاڪستان جي شموليت سدائين نمايان ۽ قابل ذڪر رهي آهي. پاڪستان عالمي برادري ۾ ضرورتمندن سان يڪجهتي ۽ تعاون جي هڪ ڊگهي ۽ قابل فخر روايت رکي ٿو. لکين افغان پناهگيرن جي ڏهاڪن تي ٻڌل ميزباني ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي انساني بحرانن ۾ امداد فراهم ڪرڻ ۾ اسان جي قوم سدائين ثابت قدمي ۽ همدرديءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. اهو انسانيت جو جذبو، مهمان نوازي ۽ گڏيل تعاون جا قدر اسان جي قومي ڪردار جو واضح ثبوت آهن. وزيراعظم چيو ته اندرون ملڪ اسان جا آئيني قدر ۽ قومي روايتون به اسان جي انسانيت دوست قومي سڃاڻپ جي عڪاس آهن. ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن ۽ وقار جو تحفظ پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت موثر قدمن جي ذريعي سمورن ماڻهن جي لاءِ رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ هڪ باوقار، برابر ۽ بااختيار معاشري ۽ موقعن تائين پهچ جي منزل طرف گامزن آهي. هن چيو ته انساني حقن واري وفاقي وزارت گذريل هڪ سال ۾ فلاحي مرڪزن، تربيتي ادارن ۽ تحفظ فراهم ڪندڙ سهولتن جي نيٽ ورڪ جي ذريعي پاليسي واعدن کي بامعنى انساني همدرديءَ تي ٻڌل قدمن ۾ تبديل ڪيو آهي. ان ڏس ۾ انساني حقن واري وزارت خاص طور تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ سماجي شموليت، ضروري شهري خدمتن ۽ سهولتن تائين پهچ جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت عورتن جي سماجي ۽ معاشي نظام ۾ شموليت جي لاءِ پڻ خصوصي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن صنفي فرق کان مٿانهون ٿي انسانيت جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. مقامي سطح تي به انساني حقن، سماجي انصاف ۽ معاشرتي ڀلائي جي فروغ جي لاءِ ڪمزور ۽ محفوظ طبقن جو تحفظ، صنفي برابري، ٻارن جو تحفظ ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ انسانيت جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان پنهنجي قومي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته آئيني قدرن جي رهنمائي ۾ پاڪستان امن ۽ بحران هر صورتحال ۾ انسانيت جي اعلى قدرن سان گڏ بيٺل رهندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو ته ڪمزور طبقن کي تحفظ، معاونت ۽ باوقار زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر هجن.

مزید خبریں