پاڪستان انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن تي امدادي ڪارڪنن جي شجاعت، بي لوث جذبي ۽ لڳاءُ کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن تي عالمي برادري سان گڏجي قدرتي آَتن، هنگامي حالتن ۽ بحرانن جي دوران پهرين صف تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ امدادي ڪارڪنن جي شجاعت، بي لوث جذبي ۽ لڳاءُ کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن تي عالمي برادري سان گڏجي قدرتي آَتن، هنگامي حالتن ۽ بحرانن جي دوران پهرين صف تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ امدادي ڪارڪنن جي شجاعت، بي لوث جذبي ۽ لڳاءُ کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قدرتي آفتن ۽ مشڪل ۽ خطرناڪ حالتن جي باوجود، ڏکويل انسانيت جي مدد جي لاءِ انهن جو فوري ردعمل، امدادي ۽ بحالي جي سرگرمين ۾ ڪردار ۽ انهن جو عزم ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته اسان انهن امدادي ڪارڪنن جا ٿورائتا آهيون جيڪي سول سوسائٽي، سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين سان گڏجي آفتن دوران مدد جي لاءِ تيار رهن ٿا. صدر انهن جي وقت سر امداد ۽ همدرديءَ انهن مشڪلاتن جي دوران، متاثر ۽ غيرمحفوظ ماڻهن کي سهارو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته امدادي ڪارڪن معاشرن کي بحرانن جو مقابلو ڪرڻ ۽ انهن جي اثرن مان نڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، انهن جو ڪم انساني همدرديءَ ۽ انسانيت جي احترام جهڙن عظيم قدرن جي عڪاسي ڪري ٿو، اهي هڪ منظم ۽ پيشيواراڻي امدادي طريقيڪار جي ذريعي تشدد، لڏپلاڻ، بُک، غربت، معذوري ۽ محرومي جي شڪار ماڻهن جي مدد جي معاون نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته انساني همدرديءَ جي عالمي ڏينهن 2026ع جي موقعي تي اسان پاڪستان جي آئين 1973ع ۽ پاڪستان جي توثيق ٿيل انساني حقن جي معاهدن تحت هر ماڻهو جي بنيادي حقن ۽ انسانيت جي احترام جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن سڄي پاڪستان ۾ خدمتوم سرانجام ڏيندڙ سمورن سماجي ڪارڪنن، ڪونسلرز، طبي عملي، چائلڊ پروٽيڪشن ورڪرز ۽ انساني حقن جي امدادي ڪارڪنن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته انهن جو جذبو اسان کي گڏيل ذميواري جي ياد ڏياري ٿو ته اسان ضرورتمندن جي مدد ڪريون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته بحرانن ۾ ڪو به ماڻهو بي يارو مددگار نه رهي.

مزید خبریں