لنڊن -18 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ٽيسٽ ميچ 19 آگسٽ تي هيڊنگلي ليڊز ۾ شروع ٿيندو. اسپورٽس ويب سائيٽ موجب پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ اليون ۽پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ ان کان اڳ 3 ڏينهن وارو وارم اپ ميچ پاڪستان جي ٽيم 7 وڪيٽن تان کٽيو هو. انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ …
انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ پهريون ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ اربع کان ليڊز ۾ شروع ٿيندو
لنڊن -18 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ٽيسٽ ميچ 19 آگسٽ تي هيڊنگلي ليڊز ۾ شروع ٿيندو. اسپورٽس ويب سائيٽ موجب پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ اليون ۽پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ ان کان اڳ 3 ڏينهن وارو وارم اپ ميچ پاڪستان جي ٽيم 7 وڪيٽن تان کٽيو هو. انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ٽيسٽ ميچ 19 کان 23 آگسٽ تائين هيڊنگلي ليڊز ۾ کيڏيو ويندو. انگلينڊ جي ٽيم جي قيادت جوروٽ ڪندو جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم بهترين بيٽسمين بابر اعظم جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي، پاڪسان جي ٽيم هِن وقت انگلينڊ جي دوري تي آهي جتي هوءَ ميزبان ٽيم خلاف پريڪٽس ميچ کان علاوه 3 ٽيست ميچن جي سيريز کيڏندي. 3 ڏينهن وارو وارم اپ ميچ کيڏيو ويو آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جو ٻيو ٽيسٽ ميچ 27 کان 31 آگسٽ تائين لارڊز ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ٽيسٽ 9 کان 13 سيپٽمبر تائين برمنگهم ۾ کيڏيو ويندو.












