اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته هر قيديءَ لاءِ قانون هڪ هئڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني کي خاص سهولتن جو مطالبو قانون خلاف آهي، ڪنهن کي به قانون کان مٿانهون نٿو سمجهي سگهجي. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر اعظم سواتي طرفان اُٿايل نُڪتن تي ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ هر معاملو قانون …
هر قيديءَ لاءِ قانون هڪ هئڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني کي خاص سهولتون ڏيڻ جو مطالبو قانون خلاف آهي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته هر قيديءَ لاءِ قانون هڪ هئڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني کي خاص سهولتن جو مطالبو قانون خلاف آهي، ڪنهن کي به قانون کان مٿانهون نٿو سمجهي سگهجي. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر اعظم سواتي طرفان اُٿايل نُڪتن تي ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ هر معاملو قانون ۽ ضابطي موجب هئڻ گهرجي، ڪنهن به فرد لاءِ ڌار قانون نٿو بڻائي سگهجي. اعظم نذير تارڙ چيو ته اهو چوڻ ته جيل جو دروازو ڀڃي ڪنهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو هو، ان لاءِ هاڻ اسان به اهڙيءَ طرح ٻاهر وينداسين، قانون موجب ناهي، اسان پاڻ قانونساز اداري ۾ ويٺا آهيون ۽ هي قانون ان پارليامينٽ ۽ ان کان پهرين ايندڙ پارليامينٽيرين ٺاهيا هئا. هن چيو ته دنيا جو هر ملڪ قانون ۽ ضابطي مطابق هلي ٿو، جيل ۾ ملاقاتن جي حوالي سان به ضابطا موجود آهن، پي ٽي آءِ باني جي ملاقاتن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ان معاملي تي اوپن ڪورٽ ۾ ٻُڌڻي پڻ ٿي، جتي عدالت لاڳاپيل معاملن تي سوال اُٿاريا. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان صفدر فرينڊ آف دي ڪورٽ طور به رپورٽ پيش ڪئي جيڪو عدالتي رڪارڊ جو حصو آهي. ان رپورٽ ۾ جيل ۾ پي ٽي آءِ باني کي فراهم ڪيل کاڌي، صفائي، سارسنڀال، ورزش جي وقتن ۽ سيل جي سهولتن ۽ ٻين معاملن جو ذڪر ڪيو ويو هو. رپورٽ ۾ اها شڪايت به سامهون آئي ته سندس علاج لاءِ ان جي پسند جي ڊاڪٽر کي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن آئين جي آرٽيڪل 25 تحت سڀ شهري برابر آهن ته ڪنهن هڪ قيديءَ کي خاص سهولت ڏيڻ جي اجازت ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ جيڪڏهن هڪ شخص کي خصوصي اجازت ڏني ويندي ته پوءِ اهو حق ملڪ جي هر قيديءَ کي ڏيڻو پوندو. اعظم نذير تارڙ چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي جيڪو قانون عام شهريءَ لاءِ آهي اهوئي عمران خان، نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ سميت هر شخص لاءِ آهي. ڪنهن کي قانون کان مٿانهون نٿو سمجهي سگهجي. هن چيو ته اسان کي ڪنهن شخص کي ديوتا بڻائي پيش نه ڪرڻ گهرجي، قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، جيڪو اصول عمران خان لاءِ آهي، اهوئي نواز شريف ۽ ٻين سياسي اڳواڻن لاءِ به هئڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهن کي گهرجي ته هو پهرين قانون پڙهن ۽ پوءِ ان موجب ڳالهائين، ڇاڪاڻ ته ملڪ کي آئين ۽ قانون موجب ئي هلائي سگهجي ٿو.










