اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهرين جي لاءِ آسان، موثر ۽ جديد ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ان جي لاءِ ٺوس انداز ۾ ڪم ڪن، وفاقي حڪومت جي سمورن ماتحت ادارن ۽ ايس او ايز ۾ اي آفيس جو استعمال يقيني بڻايو وڃي. هن اهي حڪم نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۾ …
وزيراعظم پاران شهرين جي لاءِ آسان، موثر ۽ جديد ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت، وفاقي حڪومت جي سمورن ماتحت ادارن ۽ ايس او ايز ۾ اي آفيس جو استعمال يقيني بڻايو وڃي: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهرين جي لاءِ آسان، موثر ۽ جديد ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ان جي لاءِ ٺوس انداز ۾ ڪم ڪن، وفاقي حڪومت جي سمورن ماتحت ادارن ۽ ايس او ايز ۾ اي آفيس جو استعمال يقيني بڻايو وڃي. هن اهي حڪم نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۾ جاري سڌارن ۽ اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير جي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جيڪو سومر ڏينهن هتي وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيو، کي خطاب ڪندي ڏنا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ کي شهرين جي لاءِ آسان، موثر ۽ جديد ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين کي وقت سر، شفاف ۽ آسان ڊيجيٽل خدمتن جي فراهمي جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ٺوس انداز ۾ ڪم ڪن. وزيراعظم چيو ته شهرين کي سرڪاري خدمتون حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. هن سمورن سرڪاري ڊيجيٽل پليٽ فارمز کي موجوده گهرجن موجب وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽل سڌارن ۾ وفاقي وزارتن جي اي آفيس تي منتقلي هيستائين جي اهم ترين سڌارن مان آهي. وزيراعظم وفاقي حڪومت جي سمورن ماتحت ادارن ۽ ايس او ايز ۾ اي آفيس جو استعمال يقيني بڻائڻ ۽ سرڪاري ادارن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سمورين سرڪاري ملڪيتن جي رڪارڊ جي ڊيجيٽائيزيشن جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي. هن اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ جي تڪميل ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ کي ترجيحي بنيادن تي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ کي هلائڻ جي لاءِ مڪمل طور تي آئوٽ سورس ڪيو وڃي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اين آءِ ٽي بي جي رائيٽ سائيزنگ ڪئي وئي آهي ۽ اهم عهدن تي مقرري هڪ شفاف طريقي سان ڪئي پئي وڃي، سموريون وفاقي وزارتون اي آفيس تي منتقل ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ٻين ادارن ۽ سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ ان جي ترويج تي ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ اسلام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر شريڪ هئا.










