اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيه جي عدالتي ۽ قانوني ادارن وچ ۾ تعاون سان ججز ۽ وڪيلن جي پيشيوراڻي تربيت، قانوني تعليم ۽ صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته برطانيه جي عدالتي ۽ قانوني ادارن سان ڳالهه ٻولهه عملي ۽ پائيدار تعاون جو ذريعو …
ججز ۽ وڪيلن جي پيشيوراڻي تربيت ۽ صلاحيت وڌائڻ لاءِ پاڪستان، برطانيه جي عدالتي ۽ قانوني ادارن ۾ تعاون ضروري آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيه جي عدالتي ۽ قانوني ادارن وچ ۾ تعاون سان ججز ۽ وڪيلن جي پيشيوراڻي تربيت، قانوني تعليم ۽ صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته برطانيه جي عدالتي ۽ قانوني ادارن سان ڳالهه ٻولهه عملي ۽ پائيدار تعاون جو ذريعو بڻجندي. چيف جسٽس پاڪستان اها ڳالهه سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ انگلينڊ اينڊ ويلز هاءِ ڪورٽ جي ڪنگز بينچ ڊويزن جي جج جسٽس مارٽن گريفٿس سان ملاقات دوران چئي. جسٽس مارٽن گريفٿس پاڪستان جي دؤري تي آهي ۽ برطانيه جي آنريبل سوسائٽي آف دي اِنرٽيمپل جي عالمي ڪميٽيءَ جو ميمبر جڏهن ته جوڊيشل ڪاليج جي ويلز ٽريننگ ڪميٽي جو چيئرمين پڻ آهي. ملاقات ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊائريڪٽر، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي ڊائريڪٽر ليگل ايجوڪيشن پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ عدالتي تربيت، پيشيوراڻي ترقي ۽ صلاحيت وڌائڻ جي شعبن ۾ اداره جاتي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۽ انگلينڊ اينڊ ويلز جي جوڊيشل ڪاليج وچ ۾ ججز جي تربيت، اعليٰ تعليم لاءِ منظم تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته تربيتي طريقيڪار، اداره جاتي تجربن ۽ بهترين عملي طريقن جي مٽاسٽا جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ اِنرٽيمپل ۽ پاڪستان جي قانوني برادريءَ وچ ۾ وڪيلن جي تربيت، مسلسل قانوني تعليم ۽ پيشيوراڻي ترقي جي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن تي به غور ڪيو ويو. چيف جسٽس پاڪستان برطانيه جي عدالتي ۽ قانوني ادارن سان رابطن جي موقعي کي ساراهيندي چيو ته اهڙيءَ طرح جا رابطا عدالتي ۽ قانوني شعبي ۾ پيشيوراڻي صلاحيت وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.










