اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 20 آگسٽ تي ٿيندي. سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نظرثاني ٿيل ڪاز لسٽ مطابق اليڪشن ڪميشن 20 آگسٽ تي ٻڌڻي مقرر ڪندي چيف سيڪرٽري خيبرپختونخوا ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان سان گڏوگڏ انهي ڏينهن عوامي جسٽس پارٽي …
خيبر پختونخوا ۾ مڪاني چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 20 آگسٽ تي ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 20 آگسٽ تي ٿيندي. سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نظرثاني ٿيل ڪاز لسٽ مطابق اليڪشن ڪميشن 20 آگسٽ تي ٻڌڻي مقرر ڪندي چيف سيڪرٽري خيبرپختونخوا ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان سان گڏوگڏ انهي ڏينهن عوامي جسٽس پارٽي پاڪستان جي عهديدارن جي چونڊن سان لاڳاپيل معاملن جو جائزه به ورتو ويندو.










