اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت مالي شموليت جي فروغ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪيش ليس معيشت قائم ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ مالياتي خدمتن جي انضمام تي يقين رکي ٿي، حڪومت جو ويزن شهرين کي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آسان، پهچ جوڳي ۽ ٺوس مالياتي خدمتن جي فراهمي آهي، زندگي، زونگ ۽ جي …
حڪومت ڪيش ليس معيشت قائم ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ مالياتي خدمتن جي انضمام تي يقين رکي ٿي: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت مالي شموليت جي فروغ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪيش ليس معيشت قائم ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ مالياتي خدمتن جي انضمام تي يقين رکي ٿي، حڪومت جو ويزن شهرين کي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آسان، پهچ جوڳي ۽ ٺوس مالياتي خدمتن جي فراهمي آهي، زندگي، زونگ ۽ جي ايس بئنڪ جو زيڊ والٽ قدم انهي ويزن تحت مالي شموليت کي عام شهرين تائين پهچ ڏيڻ ۽ ٽيليڪام، ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ کي گڏ ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. سومر ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ “زندگي، زونگ ۽ جي ايس بئنڪ” جي گڏيل حصيداري سان “زيڊ والٽ” شروع ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ٽيليڪام ڪمپني زونگ کي مختلف شعبن جي وچ ۾ حصيداري ۽ گڏيل تعاون جو عمده مثال قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان حڪومت مالي شموليت جي فروغ تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيش ليس معيشت جي فروغ جي لاءِ نه رڳو اعلى سطحي ڪميٽي قائم ڪئي آهي پر ٽيڪنالاجي جي انضمام ۽ ڪيش ليس معيشت طرف اڳڀرائي جي عمل جي پاڻ قيادت ڪري رهيو آهي ته جيئن شفافيت ۽ مالي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڪميٽي جي صدارت پاڻ ان لاءِ سنڀالي ته هو ٽيڪنالاجي تي يقين رکي ٿو ۽ سندس ويزن آهي ته شهرين کي فراهم ڪئي ويندڙ مالياتي خدمتون جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هجڻ گهرجن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بطور پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي دور ۾ پهريون آءِ ٽي بورڊ قائم ڪيو جنهن کي اڄ پنجاب آءِ ٽي بورڊ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ اهو ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سرڪاري شعبي جو پهريون ادارو هو. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن وڊيو ڪانفرنسنگ جي سهولت عام نه هئي، اسان سڀ ڪورونا جي ڏينهن ۾ زوم ايپلي ڪيشن کان متعارف ٿياسين، ان وقت شهباز شريف بطور پنجاب جي وڏي وزير سرڪاري شعبي ۾ پهرين وڊيو ڪانفرنسنگ سروس متعارف ڪرائي ته جيئن بهاولپور، ڊيره غازي خان ۽ ملتان سميت پنجاب جي ڏورانهن علائقن ۾ مقرر آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ لاهور جو ڊگهو سفر نه ڪرڻو پوي. هن چيو ته انهن قدمن سان ٽيڪنالاجي جو فروغ، شموليت ۽ ڪارڪردگي ۾ اضافي جو سفر شروع ٿيو جڏهن ته ٽيڪنالاجي جي فروغ جو اهو عمل رڳو انهن قدمن تائين محدود نه رهيو. هن چيو ته ميرٽ تي ليپ ٽاپ ورهائڻ جو فليگ شپ منصوبو متعارف ڪرايو ويو ته ان تي به تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي پر ڪورونا وبا دوران ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ انهي ٽيڪنالاجي اهم ڪردار ادا ڪيو، وڏي انگ ۾ ماڻهن گهرن کان ڪم ڪيو جڏهن ته شاگردن آن لائين تعليم حاصل ڪئي، ان ڏس ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ جي موجوده دور ۾ اهڙا قدم انتهائي خوش آئنده آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت زيڊ والٽ قدم جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ٽيڪنالاجي ۽ مالي شموليت کي گڏ ڪندي شهرين جي لاءِ مالياتي خدمتن تائين پهچ ۽ ان عمل ۾ شموليت کي آسان بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اهو هڪ بهترين قدم ۽ شاندار حصيداري آهي. هن وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت پاران خاطري ڪرائي ته جتي به ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ ۽ مختلف صنعتن جي حصيداري جي ذريعي مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ٿيندي، پاڪستان حڪومت انهن قدمن جي ڀرپور حمايت ڪندي. هن زندگي، زونگ ۽ جي ايس بئنڪ جي وچ ۾ حصيداري کي ساراهيندي چيو ته زيڊ والٽ جي شروعات مالي شموليت جي فروغ ۽ شهرين جي لاءِ مالي خدمتن کي آسان بڻائڻ طرف اهم قدم آهي. هن چيو ته جنريشن زي جي موجوده دور جي ڏس ۾ زيڊ والٽ هڪ موزون نالو آهي جيڪو ان قدم جي نوعيت جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪيش ليس معيشت جي حوالي سان “زيڊ والٽ” جي قدم کي اجاگر ڪيو ويندو ته جيئن ٻيا ادارا ۽ شعبا به ان مثال جي پيروي ڪري سگهن. هن زندگي، زونگ ۽ جي ايس بئنڪ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن ادارن گڏجي مالي شموليت کي حقيقت بڻائن، عام شهرين جي زندگي آسان بڻائڻ ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، رابطي ۽ ٽيڪنالاجي کي گڏ ڪري صارفين جي لاءِ مالياتي خدمتن جي استعمال کي وڌيڪ آسان بڻائڻ طرف اهم قدم کنيو آهي.












