اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته مخالف ڌر کي وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ اڄ به برقرار آهي، ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ پارلياماني نظام جي مضبوطيءَ جو واحد رستو ڳالهيون ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه آهي. سومر ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر محسن عزيز طرفان اُٿاريل نُڪتن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته مستقل مزاجي جو مظاهرو ڪري، …
مخالف ڌر کي وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ اڄ به برقرار آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته مخالف ڌر کي وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ اڄ به برقرار آهي، ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ پارلياماني نظام جي مضبوطيءَ جو واحد رستو ڳالهيون ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه آهي. سومر ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر محسن عزيز طرفان اُٿاريل نُڪتن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته مستقل مزاجي جو مظاهرو ڪري، ڇاڪاڻ ته جن مسئلن جو اڄ ايوان ۾ ذڪر ڪيو پيو وڃي، انهن جي نشاندهي حڪومت هڪ سال اڳ ڪري چڪي هئي، جڏهن ته مخالف ڌر کي پنهنجي صِفن ۾ وڇوٽين سبب معاملن تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، مخالف ڌر پاڻ ڪنهن هڪ نُڪتي تي متفق نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته موجوده سياسي صورتحال ۾ مسئلن جو واحد حل ڳالهين ۽ پارلياماني طريقيڪار ذريعي ڪڍي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ٻُڌايو ته هلندڙ سال بجيٽ اجلاس دوران وزيراعظم مخالف ڌر جي اتحاد کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي. ان کان پوءِ حڪومت طرفان پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ٻيا مخالف ڌر جي اڳواڻ جي چيمبر ۾ ويا، جتي ڳالهين لاءِ جڳهه ۽ طريقيڪار تي مشاورت ٿي. هن چيو ته حڪومت اسپيڪر چيمبر ۾ ملاقات جي آڇ ڪئي، جڏهن ته ان تي اتفاق نه ٿي سگهيو، بعد ۾ مخالف ڌرکي چيو ويو ته هو پارليامينٽ هائوس اندر پنهنجي پسند جي جاءِ تجويز ڪري ته جيئن وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ ويهي سمورن مسئلن تي کُليل نموني ڳالهائي سگهن. طارق فضل چوڌري چيو ته حڪومت ڳالهين لاءِ ڪي به اڳواٽ شرط يا ايجنڊا مقرر نه ڪئي، مخالف ڌر جنهن به موضوع تي ڳالهه ڪرڻ چاهي حڪومت ان تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم نه صرف مخالف ڌر جو مؤقف وڏي دل سان ٻُڌندو پر مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻ جي به ڪوشش ڪندو. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم طرفان ڏنل ڳالهين جي دعوت اڄ به برقرار آهي ۽ ان جي مُدت ختم نه ٿي. هن مخالف ڌر جي اڳواڻن خاص ڪري مخالف ڌر جي ليڊر سميت ٻين پارلياماني اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو وقت ۽ هنڌ جو تعين ڪن ته جيئن ڳالهين جو عمل اڳتي وڌي سگهي. هن چيو ته روزانو ايوان جي ڪارروائي معطل ڪري ڊگهيون تقريرون ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، سياسي ويڇن باوجود پارليامينٽ ئي مسئلن جي حل جو مؤثر فورم آهي ۽ سڀني ڌُرين کي ڳالهين ذريعي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن مخالف ڌر جي احتجاجي طرزِ عمل تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ طرف ڳالهين جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف احتجاج، مظاهرن ۽ ڏڦيڙ جون ڪالون ڏنيون وڃن ٿيون. هن چيو ته اهڙيءَ طرح نه نظام کي نقصان پهچائي سگهجي ٿو نه ان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي سگهجي ٿو ۽ نه ئي رياستي نظام ان طريقي سان تبديل ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ ماضيءَ جي احتجاجي ڌرڻن جا منظر خوشگوار نه هئا ۽ ان مان شهرين کي مشڪلاتن جو مُنهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته احتجاج هر شهريءَ جو آئيني حق آهي، جڏهن ته احتجاج پُرامن هئڻ گهرجي ۽ ائين نه ٿئي ته ان جي نتيجي ۾ شهرين جي چُرپر، ڪاروبار، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن تائين رسائي متاثر ٿئي. هن چيو ته اسلام آباد ڪنهن هڪ پارٽي يا طبقي جي ملڪيت نه پر هي سڀني پاڪستانين جو شهر آهي. مخالف ڌر اڳواڻ روزانو اسلام آباد اچن ٿا، ميڊيا تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ٿا ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺن ٿا، ان لاءِ اهو تاثر درست ناهي ته انهن جون سياسي سرگرميون محدود ٿي ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت مخالف ڌر جي خواهش تي معمولي جي ڪارروائي ملتوي ڪري، سياسي تقريرن لاءِ وقت فراهم ڪيو جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مخالف ڌر تي زور ڀريو ته هو واضح طور طئي ڪري ته آيا هو ڳالهيون ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي رستي تي هلڻ چاهي ٿي يا احتجاج يا ٽڪراءُ جي سياست کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ پارلياماني نظام جي مضبوطيءَ جو اڪيلو رستو ڳالهيون آهن.










