ڪعبة الله جي امام شيخ عبدالرحمان السديس جو حافظ طاهر اشرفي کي ٽيليفون، گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 17 آگسٽ (اي پي پي) ڪعبة الله شريف جي امام شيخ عبدالرحمان السديس، پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل حافظ محمد طاهر محمود اشرفي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عالم اسلام جي موجوده صورتحال ۽ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي دفاعي معاهدي سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جاري بيان …

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) ڪعبة الله شريف جي امام شيخ عبدالرحمان السديس، پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل حافظ محمد طاهر محمود اشرفي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عالم اسلام جي موجوده صورتحال ۽ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي دفاعي معاهدي سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جاري بيان مطابق شيخ عبدالرحمان السديس ان معاهدي کي مسلم امت، خاص طور پاڪستان، مملڪت سعودي عرب ۽ ترڪيه لاءِ خير، سلامتي ۽ گڏيل اتحاد جو ذريعو قرار ڏنو. هن، حافظ محمد طاهر محمود اشرفي کي پاڪستان حڪومت طرفان تمغهءِ امتياز لاءِ نامزد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته حرمين شريفين سان هن جي محبت، اسلام ۽ مسلمانن لاءِ سندس خدمتون تعريف ۽ فخر جوڳيون آهن. حافظ محمد طاهر محمود، اشرفي شيخ عبدالرحمان السديس جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ مملڪت سعودي عرب جا لاڳاپا فقط سفارتي ناهي پر ايمان، عقيدي ۽ اخوت جا لازوال رشتا آهن. پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ موجوده دفاعي معاهدو عالم اسلام جي وحدت، اتحاد ۽ اجتماعي سلامتي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. شيخ عبدالرحمان السديس، پاڪستان جي قيادت، وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تبارڪ و تعاليٰ پاڪستان کي هميشه پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي، ان کي امن، استحڪام ۽ ترقي عطا فرماءِ ۽ هر قسم جي شر کان محفوظ رکي. آمين.