اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ڪيش ليس معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل مالياتي شموليت تيز ڪرڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي پختي عزم کي ورجايو آهي. هن اها ڳالهه جي ايس بئنڪ ۽ زندگيءَ جي قيادت سان فنانس ڊويزن ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ملاقات دوران چئي. وفد جي اڳواڻي جي ايس بئنڪ جي صدر ۽ چيف …
ڊجيٽل معيشت ۽ ڪيش ليس نظام کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جو پختو عزم آهي: بلال اظهر ڪياني

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ڪيش ليس معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل مالياتي شموليت تيز ڪرڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي پختي عزم کي ورجايو آهي. هن اها ڳالهه جي ايس بئنڪ ۽ زندگيءَ جي قيادت سان فنانس ڊويزن ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ملاقات دوران چئي. وفد جي اڳواڻي جي ايس بئنڪ جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ياسر شمسي ڪئي جڏهن ته زندگي، جي ايس بئنڪ جي چيف آفيسر نومان اظهر ۽ چيف بزنس آفيسر عاطف اسحاق به وفد ۾ شامل هئا. ملاقات ۾ ڊجيٽل مالياتي خدمتن جي دائري کي وڌائڻ، ڊجيٽل مالياتي شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڊجيٽل طور تي بااختيار معيشت کي قومي ويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مختلف حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ڪيس ليس ڪاروباري ماڊلز کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ رسمي مالياتي نظام کي اختيار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي جاري پاليسين ڪوششن ۽ قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي بلال اظهر ڪياني چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ڪيس لس معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. وزيراعظم ذاتي طور تي ڪيش ليس معيشت جي عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ گذريل هڪ سال دوران ان حوالي سان نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت شفافيت يقيني بڻائڻ، عوامي سهولتن ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ڊجيٽل ادائگين ذريعي معيشت کي دستاويزي بنائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين طرفان ڊجيٽل مالياتي خدمتن کي هٿي وٺرائڻ، ڊجيٽل انفراسٽچر کي مضبوط بنائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪيش ليس حل جي وسيع تر استعمال لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.










