ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جو بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ پارلياماني ورڪنگ گروپ اقليتي حقن بابت اهم اجلاس صوبائي اسيمبلي ۾ اقليتن جي حقن بابت پارلياماني ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اقليتي برادريءَ جي حقن، مذهبي هم آهنگي، عبادتگاهن جي تحفظ، جبري مذهب مٽائڻ ۽ ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام سان لاڳاپيل اهم معاملن …
سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي بابت صلاحڪار جي صدارت هيٺ اجلاس

مزید خبریں
ڪراچي- 17 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جو بحالي کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ پارلياماني ورڪنگ گروپ اقليتي حقن بابت اهم اجلاس صوبائي اسيمبلي ۾ اقليتن جي حقن بابت پارلياماني ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اقليتي برادريءَ جي حقن، مذهبي هم آهنگي، عبادتگاهن جي تحفظ، جبري مذهب مٽائڻ ۽ ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام سان لاڳاپيل اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ اقليتي سهولت ڊيسڪ، بين المذاهب امن ڪميٽين، سرڪاري تعليمي ادارن ۽ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو اقليتي ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ، تعليم ۽ سماجي تحفظ ۾ اقليتن جي شموليت ۽ ترجيحي پاليسي سفارشن جو جائزو پڻ ورتو ويو. اجلاس ۾ سينيٽر ڪرشنا ڪماري، سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار شام سندر آڏواڻي، سنڌ اسيمبلي جا ميمبر هري رام، همير سنگهھ، روما صبات، کٽومل، مهيش ڪمار هاسيجا، انيل ڪمار، سيڪريٽري اقليتي امور جمشيد عالم، سميت سول سوسائٽي، پوليس، قانون ۽ اقليتي معاملن جي کاتن جي نمائندن ۽ مذهبي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته حيدرآباد رينج جي 9 ضلعن ۾ جولاءِ 2025ع کان جون 2026ع تائين اقليتي سهولت ڊيسڪ تي 3,642 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا. 269 پوليس اهلڪارن کي اقليتي حقن ۽ لاڳاپيل قانونن تي تربيت ڏني وئي جڏهن ته 10 اقليتي سهولت ڊيسڪن کي حتمي سهولتون فراهم ڪيون ويون. سال 2025ع ۾ 337 جڏهن ته 2026ع ۾ 809 شڪايتون موصول ٿيون، جن مان اڪثريت ذاتي ۽ مالي تڪرارن ۽ هراسان ڪرڻ بابت هيون. اجلاس ۾ جبري مذهب مٽائڻ ۽ ننڍي عمر جي شادين خلاف اثرائتي قانوني ڪارروائيءَ لاءِ فريم ورڪ جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي سرڪاري تعليمي ادارن ۽ نوڪرين ۾ پنج سيڪڙو اقليتي ڪوٽا تي هر کاتي ۾ مڪمل عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ان لاءِ اثرائتو مانيٽرنگ ميڪانيزم جوڙڻ جي هدايت ڪئي. گيانچند ايسراڻي پوليس کاتي کي اقليتي سهولت ڊيسڪ تي موصول ٿيندڙ ڪيسن جي ماهوار ترقياتي رپورٽ اقليتي ڪاڪس کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سمورين عبادتگاهن جي تحفظ، رجسٽريشن ۽ سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. گيانچند ايسراڻي ايندڙ اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ڊي جي نادرا کي شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اقليتي برادريءَ جي تحفظ، پوليس ڪارروائي، اقليتي سهولت ڊيسڪ، اقليتي آباديءَ جي درست انگن اکرن ۽ سڃاڻپي دستاويزن بابت ۽ ٻين مسئلن جو جائزو وٺي سگهجي. هن چيو ته اقليتون پاڪستان جون برابر جون شهري آهن ۽ انهن جي حقن جو تحفظ حڪومت ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي. سنڌ ۾ اقليتن جي حقن لاءِ قانون سازي ۽ قدم کنيا ويا آهن، تنهن هوندي به موجوده مسئلن جي حل لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم ضروري آهن. اقليتن کي تعليم، روزگار، وظيفن، هنر مندي ۽ حڪومتي فلاحي پروگرامن ۾ برابريءَ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. اقليتي سهولت ڊيسڪ ۽ امن ڪميٽين کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ۽ انهن جي نگراني گهٽ ۾ گهٽ ڊي ايس پيز ۽ ايس پيز جي ذريعي ڪئي وڃي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي اقليتي برادريءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن کي شيلڊز ۽ اجرڪ پيش ڪيا ويا.










