نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اعلى سطح جي وفد بئريسٽر گوهر علي خان سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اعلى سطح جي وفد بئريسٽر گوهر علي خان جي گهر وڃي سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي ميڊيا آفيس موجب وفد ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ (ن) ليگ آزاد …

اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اعلى سطح جي وفد بئريسٽر گوهر علي خان جي گهر وڃي سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي ميڊيا آفيس موجب وفد ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ (ن) ليگ آزاد ڪشمير جو صدر شاهه غلام قادر،  سينيٽر انوشه رحمان، ايم اين اي انجم عقيل ۽ ٻيا اهم اڳواڻ شامل هئا. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته مسلم ليگ (ن) جي وفد پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وفد مرحومه جي مغفرت، درجن جي بلنديءَ ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد موڪلي واضح پيغام ڏنو ته سياسي اختلاف رڳو سياسي ميدان تائين محدود آهن.