ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي 71هين سالگرهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ملهائي وئي

حيدرآباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي 71هين سالگرهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ملهائي وئي. ريڊيو پاڪستان جي اسٽوڊيو ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علي اڪبر هڱورجو چيو ته ريڊيو حيدرآباد لوڪ ادب کان وٺي ٻارن جي ادب تائين، لوڪ موسيقي کان وٺي ڪلاسيڪل موسيقي تائين، تعليم کان وٺي سماجي شعور اجاگر ڪرڻ تائين بي مثال …

حيدرآباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي 71هين سالگرهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ملهائي وئي. ريڊيو پاڪستان جي اسٽوڊيو ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علي اڪبر هڱورجو چيو ته ريڊيو حيدرآباد لوڪ ادب کان وٺي ٻارن جي ادب تائين، لوڪ موسيقي کان وٺي ڪلاسيڪل موسيقي تائين، تعليم کان وٺي سماجي شعور اجاگر ڪرڻ تائين بي مثال ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ريڊيو زراعت جي ترقي ۽ ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته جديد دور جي گهُرجن کي نظر ۾ رکندي پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز ۽ ڊجيٽل ميڊيا ذريعي نشريات جو آغاز ڪيو ويو آهي، جنهن کي سڄي دنيا ۾ مقبوليت حاصل ٿي رهي آهي، ريڊيو جو آڊيو رڪارڊ پڻ ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي ريڊيو جون نشريات ڊجيٽل ميڊيا تي پڻ جاري آهن جن کي سڄي دنيا جا ٻڌندڙ پسند ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عوامي براڊڪاسٽر طور ريڊيو پاڪستان جي حيثيت هن معاشري ۾ منفرد آهي، جيڪا ڪڏهن به گهٽ نه ٿيندي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اڄ به ثقافت ۽ ادب جي ترقي ۾ شاندار ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسٽيشن ڊائريڪٽر چيو ته سڄي سنڌ جا فنڪار ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ميوزڪ شعبي سان لاڳاپيل آهن، جن ۾ قديم مقامي سازن جا فنڪار پڻ شامل آهن. سالگرهه تقريب ۾ پروگرام مئنيجر قاري محمد حسين، خبرن جي شعبي جي انچارج سعيده چانڊيو سميت مختلف شعبن جي سربراهن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.