لنڊن- 17 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 19 آگسٽ کان هيڊ نگلي، ليڊز ۾ شروع ٿيندي. اسپورٽس ويب سائيٽ مطابق پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ اليون ۽ پاڪستان جي ٽيم وچ ۾ ان کان اڳ ٽن ڏينهن واري وارم اپ ميچ پاڪستان جي ٽيم 7 وڪٽن تان کٽي ورتي هئي. انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ …
انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 19 آگسٽ کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
لنڊن- 17 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 19 آگسٽ کان هيڊ نگلي، ليڊز ۾ شروع ٿيندي. اسپورٽس ويب سائيٽ مطابق پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ اليون ۽ پاڪستان جي ٽيم وچ ۾ ان کان اڳ ٽن ڏينهن واري وارم اپ ميچ پاڪستان جي ٽيم 7 وڪٽن تان کٽي ورتي هئي. انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 19 کان 23 آگسٽ تائين هيڊ نگلي، ليڊز ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم جي قيادت جو روٽ ڪندو، جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم ناليواري بيٽسمين بابر اعظم جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي. پاڪستان جي ٽيم انگليڊ جي دوري تي آهي، جتي هو ميزبان ٽيم خلاف پريڪٽس ميچ کانسواءِ ٽي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏيندي.









