اسلام آباد - 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي راولپنڊي اسلام آباد فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ اپنا پينل جي سمورن اميدوارن جي بنا مقابلي چونڊجڻ تي نون چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. هڪ بيان ۾ هن سجاد حيدر کي 22هون ڀيرو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته فوٽو جرنلسٽس قومي، ثقافتي ۽ تاريخي سرگرمين …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران فوٽو جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي راولپنڊي اسلام آباد فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ اپنا پينل جي سمورن اميدوارن جي بنا مقابلي چونڊجڻ تي نون چونڊيل عهديدارن کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. هڪ بيان ۾ هن سجاد حيدر کي 22هون ڀيرو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته فوٽو جرنلسٽس قومي، ثقافتي ۽ تاريخي سرگرمين کي عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير نون چونڊيل عهديدارن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اميد آهي ته نئين قيادت فوٽو جرنلسٽس جي ڀلائي، پيشيواراڻن حقن جي تحفظ ۽ درپيش مسئلن جي حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي. راولپنڊي اسلام آباد فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ اپنا پينل جا سمورا اميدوار بنامقابلي چونڊجي ويا.









