اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان بلوچستان جي علائقي ڪلي زائيڪ ۾ انٽيلي جنس بيسڊ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪلي زائيڪ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن اسان جي فورسز جي اعليٰ صلاحيتن جو شاندار مظهر آهي، جن وقت سر ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن …
مواصلات واري وفاقي وزير پاران بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان بلوچستان جي علائقي ڪلي زائيڪ ۾ انٽيلي جنس بيسڊ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪلي زائيڪ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن اسان جي فورسز جي اعليٰ صلاحيتن جو شاندار مظهر آهي، جن وقت سر ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ملڪ کي وڏي نقصان کان بچايو. عبدالعليم خان چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي بحاليءَ لاءِ سيڪيورٽي ادارن جون قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته فتنه الهندستان جي سمورن سليپر سيلز ۽ دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون پوري قوت سان جاري رهنديون.









