اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفونڪ رابطو
اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي بهترين رستو آهي.












