سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي علائقي ڪلي زائيڪ ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن مطابق بسيمه ڪيمپ کان 12 ڪلوميٽر اتر ۾ ڪلي زائيڪ ۽ ڪاغلي وچ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي. سيڪيورٽي فورسز چڪرين ۾ 2 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ …

اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ فتنه الهندستان خلاف ڪارروائيون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي علائقي ڪلي زائيڪ ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن مطابق بسيمه ڪيمپ کان 12 ڪلوميٽر اتر ۾ ڪلي زائيڪ ۽ ڪاغلي وچ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي. سيڪيورٽي فورسز چڪرين ۾ 2 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ 3 زخمي ٿي پيا. مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ مشتاق احمد عرف ڪوهيار جي نالي سان ٿي، دهشتگردن جي قبضي مان ايميونيشن، ميگزين، دستي بم ۽ آءِ اي ڊي بڻائڻ جو سامان هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ بلوچستان ۾ امن جي قيام تائين بنا رڪاوٽ ڪارروائيون جاري رکڻ لاءِ پر عزم آهي.