اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ شفاف توانائي تي منتقلي، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي وسعت ۽ دفاعي صلاحيتن جي نئين سر ترتيب سان معدنيات جي اهميت ۾ ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي هڪ بلاگ ۾ چيو آهي ته اهم معدنيات تي دنيا جي وڌندڙ ڀاڙڻ جيو پوليٽيڪل فالٽ لائنز کي نئين ترتيب ڏني آهي. …
سڄي دنيا ۾ شفاف توانائي تي منتقلي، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي وسعت ۽ دفاعي صلاحيتن جي نئين سر ترتيب سان معدنيات جي اهميت ۾ ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي: آءِ ايم ايف
اسلام آباد- 17 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ شفاف توانائي تي منتقلي، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي وسعت ۽ دفاعي صلاحيتن جي نئين سر ترتيب سان معدنيات جي اهميت ۾ ٻيهر اضافو ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي هڪ بلاگ ۾ چيو آهي ته اهم معدنيات تي دنيا جي وڌندڙ ڀاڙڻ جيو پوليٽيڪل فالٽ لائنز کي نئين ترتيب ڏني آهي. بلاگ مطابق ليٿيم، ڪوبالٽ ۽ ناياب معدنيات اڄ به اوتري ئي اسٽريٽجڪ اهميت رکن ٿا جيتري ڪڏهن تيل ۽ اسٽيل وغيره جي هئي. آءِ ايم ايف چيو ته روانگي واپار تي ڪنٽرول ۽ ٻيون پابنديون تيزي سان معدنيات جي شعبي کي متاثر ڪري رهيون آهن جيڪي مستقبل جي فوجي، صنعتي ۽ فني طاقت جو تعين ڪنديون.












