فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي ملاقات

راولپنڊي - 13 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي قيادت ۾ اعلى سطحي وفد جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي ۽ پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس …

راولپنڊي – 13 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي قيادت ۾ اعلى سطحي وفد جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي ۽ پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. معزز مهمان علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي ڪردار کي ساراهيو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.