پاڪستان ۽ ناروي پاران اعلى سطحي رابطا برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي اعلى سطح جا رابطا برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بندرگاهي رابطن ۽ سامونڊي جهاز راني جي رابطن، ناروي جي لاءِ پاڪستان جي وڌندڙ آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي اي ايس روانگي واپار ۽ …

اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي اعلى سطح جا رابطا برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بندرگاهي رابطن ۽ سامونڊي جهاز راني جي رابطن، ناروي جي لاءِ پاڪستان جي وڌندڙ آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي اي ايس روانگي واپار ۽ اوسلو انوويشن ويڪ جهڙن پروگرامن ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي وڌندڙ شرڪت شامل آهي. ٻنهي ڌرين واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان ۽ اي ايف ٽي اي جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي پڌرنامي تحت تعاون جاري رکڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جي دوري جي حوالي سان گڏيل پڌرنامي موجب ٻنهي ملڪن واپاري رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي 13 آگسٽ تي پاڪستان جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي جو پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته هي دورو ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ اڳ کان جاري ويجهي ۽ مسلسل رابطن جو تسلسل آهي جن ۾ 13 مارچ ۽ 7 اپريل تي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه پڻ شامل آهي جنهن دوران علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. ٻنهي وزيرن اعلى سطح جي باقاعده رابطن کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيدارين کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سياسي مشاورت جي طريقيڪار جو جائزو ورتو ۽ ان کي ٻنهي وزارتن جي وچ ۾ مسلسل رابطن جي لاءِ هڪ اهم ذريعو قرار ڏنو. ٻنهي ڌرين 14هين دور جي ٻطرفي سياسي مشاورت ڊسمبر 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ جي عزم جي تصديق ڪئي. اقتصادي معاملن جي حوالي سان ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بندرگاهي رابطن ۽ سامونڊي جهاز راني جي رابطن، ناروي جي لاءِ پاڪستان جي وڌندڙ آءِ ٽي ۽ آءِ ٽي اي ايس روانگي واپار ۽ اوسلو انوويشن ويڪ جهڙن پروگرامن ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي وڌندڙ شرڪت شامل آهي. ٻنهي ڌرين واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان ۽ اي ايف ٽي اي جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي پڌرنامي تحت تعاون جاري رکڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين “ڊبليو ٽي او کي مرڪز” رکندي گهڻ رخي واپاري نظام جي اهميت تي اتفاق ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڊبليو ٽي او ۾ سڌارا انتهائي اهم آهن ۽ انهن کي بنا دير جي “ميمبر ملڪن جي قيادت ۾ هلندڙ عمل” جي ذريعي اڳتي وڌائڻ گهرجي. پاڪستان قابل تجديد توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آف شور تيل ۽ گئس، آءِ ٽي/ آءِ ٽي اي ايس ۽ جهاز ٽوڙڻ ۽ ري سائيڪلنگ جي شعبن کي ناروي جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ امڪاني شعبن جي طور تي پيش ڪيو. ٻنهي وزيرن پهرين اپريل 2026ع تي ٻنهي ملڪن جي موسمياتي تبديلي وارين وزارتن جي وچ ۾ پيرس معاهدي جي آرٽيڪل 6 تحت طئي ٿيندڙ ٻطرفي معاهدي تحت موسمياتي تبديلي جي تدارڪ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تعاون ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پاڪستان قابل تجديد توانائي، پن بجلي، بائيو گئس ۽ موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ زرعي شعبي ۾ ناروي جي مهارت مان وڌيڪ فائدو کڻڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. جهازن جي ري سائيڪلنگ جي شعبي ۾ پاڪستان جي تجربي ۽ مهارت ۽ هانگ ڪانگ انٽرنيشنل ڪنوينشن جي پاڪستان جي توثيق جي ڏس ۾ ٻنهي ڌرين ايس اي اين ايس آر اي سي – ڊي ڊبليو پاڪستان منصوبي تحت جاري ڪم ۽ ناروي جي جهنڊي بردار سامونڊي جهازن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سامونڊي اهلڪارن جي تربيت ۽ سرٽيفڪيشن جي منظوري بابت تازو ئي طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) جو نوٽيس ورتو. ٻنهي اڳواڻن ان بنياد تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ بشمول گرين شپنگ جي شعبي ۾ تعاون جي گنجائش تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن 1969ع کان جاري پاڪستان سان ناروي جي ترقياتي حصيداري کي مثبت طور تي اجاگر ڪيو ۽ تعليم، صنفي برابري، انساني حقن، غذائي تحفظ ۽ موسمياتي موافقت تي ان جي مسلسل ڌيان کي ساراهيو. تعليم جي شعبي ۾ ٻنهي ڌرين نارويجن پارٽنرشپ پروگرام فار گلوبل اڪيڊمڪ ڪوآپريشن ۽ اسرندڙ ملڪن جي شاگردن جي لاءِ ناروي پاران تازو ئي شروع ڪيل اسڪالرشپ پروگرام جي اهميت کي تسليم ڪيو، خاص طور تي ان ڏس ۾ پاڪستاني شاگردن جو هڪ ذڪر جوڳو انگ ناروي جي يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيو آهي. ٻنهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزيرن ناروي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو جيڪا گذريل سالن دوران ناروي جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي زندگي جو هڪ اهم حصو بڻجي چڪي آهي. ٻنهي ملڪن پارلياماني رابطن جي آجيان ڪئي جن ۾ بين الپارلياماني يونين ۽ تازو ئي قائم ٿيندڙ پاڪستان – ناروي پارلياماني فرينڊشپ گروپ پڻ شامل آهي. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي هڪ ٻئي پاران فراهم ڪئي ويندڙ حمايت کي ساراهيو ۽ مختلف عالمي ادارن ۾ هڪ ٻئي جي اميدوارن جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ گهڻ رخي فورمز تي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي مشاورت جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ناروي جي پرڏيهي وزير کي بريفنگ ڏني، جڏهن ته ناروي پاران يوڪرين جي خلاف روس جي جنگ بابت بريفنگ ڏني وئي. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي منشور جي اصولن موجب تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب هر قسم ۽ هر شڪل جي دهشتگردي جي خلاف موثر ڪارروائي جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته افغان سرزمين کي ٻين ملڪن کي ڌمڪائڻ يا انهن تي حملي جي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. پاڪستان کي درپيش سنگين سيڪيورٽي خطرن کي تسليم ڪندي ناروي پاران ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ، سيڪيورٽي خدشا ختم ڪرڻ ۽ عالمي قانون جي پاسداري جي لاءِ جاري ڪوششن جي حوصلا افزائي ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن، بنيادي آزادين تي پابندين، تعليم تائين پهچ ۽ عوامي زندگي ۾ شرڪت، اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي جي صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان ناروي کي ايران – آمريڪا تڪرار جي حوالي سان پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ناروي پاران علائقائي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ثالثي ڪردار کي ساراهيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 17 جون 2026ع تي ڌرين جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ٿيون ۽ ان کانپوءِ اعلى سطح جي ٽيڪنيڪي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ٿي. ناروي پاران خطي ۾ لاڳاپيل ڌرين سان پنهنجي رابطن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ جاري تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن فلسطين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي لاءِ جاري عالمي ڪوششن جي آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سموريون ڌريون جنگبندي بابت پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪن، انساني امداد جي محفوظ، فوري ۽ بنا رڪاوٽ پهچ يقيني بڻائين ۽ دشمني جي مستقل خاتمي جي لاءِ ڪم ڪن. ٻنهي ملڪن عالمي قانون، گڏيل قومن جي منشور ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي ڊگهي مدي واري ۽ پائيدار امن جي لاءِ عملي ۽ ٺوس قدمن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين عالمي قانون ۽ گهڻ رخي نظام جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين گهڻ رخي نظام کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل قومن جي منشور جي اصولن ۽ مقصدن جي پاسداري ۽ امن ۽ خوشحالي، پائيدار ترقي ۽ انساني حقن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين يو اين 80 انيشي ايٽو جي ذريعي گڏيل قومن کي وڌيڪ موثر، جوابده ۽ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي ڪوششن جي حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا. ٻنهي وزيرن اعلى سطح جي مسلسل رابطن جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود مثبت رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.