اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام دير بالا ۾ مسلم ليگ (ن) جي ضلعي صدر محمد نثار خان وردگ جي گاڏيءَ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته محمد نثار وردگ حملي ۾ معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو جنهن تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريان …
انجنيئر امير مقام پاران دير بالا ۾ (ن) ليگ جي ضلعي صدر جي گاڏيءَ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام دير بالا ۾ مسلم ليگ (ن) جي ضلعي صدر محمد نثار خان وردگ جي گاڏيءَ تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته محمد نثار وردگ حملي ۾ معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو جنهن تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريان ٿو. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي ڪي پي ڪي جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبي جي عوام کي اتحاد ۽ يڪجهتي سان دهشتگرديءَ جي ناسُور جو مقابلو ڪرڻو پوندو. امير مقام چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ دوران ڌرڻن واري سياست کان پاسو ڪرڻ ۽ قومي يڪجهتيءَ کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن ڪي پي ڪي جي عوام تي زور ڀريو ته هو سيڪيورٽي ادارن سان ڀرپور سهڪار ڪن ته جيئن دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ صوبي ۾ امن جي قيام جي ڪوششن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.











