اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان ٻطرفي زرعي تعاون کي نئون رخ ڏيڻ، موجوده معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ ۽ ان کي ٺوس واپاري، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري موقعن ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت موجب اهو اتفاق قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير وچ ۾ …
پاڪستان ۽ قازقستان پاران زرعي تعاون وڌائڻ ۽ معاهدن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ تي اتفاق
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ قازقستان ٻطرفي زرعي تعاون کي نئون رخ ڏيڻ، موجوده معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ ۽ ان کي ٺوس واپاري، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري موقعن ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت موجب اهو اتفاق قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات دوران سامهون آيو. ملاقات ۾ زرعي واپار، غذائي تحفظ، علائقائي رابطن، زرعي مشينري ۽ نجي شعبي جي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي رانا تنوير حسين چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ زرعي شعبي ۾ ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي وسيع صلاحيت موجود آهي. هن ٻطرفن معاهدن تي نتيجا ڏيندڙ انداز ۾ عملدرآمد ۽ عمل جوڳي منصوبن سان گڏوگڏ اداره جاتي ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. ٻنهي ملڪن پاڪستان – قازقستان زراعت بابت گڏيل ورڪنگ گروپ جو ايندڙ اجلاس قازقستان ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ گڏيل تعاون ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ تعاون جي نون شعبن جي نشاندهي ڪئي ويندي. پاڪستان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پنهنجو وفد نامزد ڪندو. قازقستان پاڪستان کي ڪڻڪ جي فراهمي ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته پاڪستان طرفان قيمت، معيار ۽ فراهمي جي شرطن سميت ملڪي ضرورتن جي روشني ۾ تجويز جو جائزو وٺڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. ملاقات ۾ زرعي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ علائقائي رابطن کي بنيادي اهميت ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. ملاقات دوران وچ ايشيا کي پاڪستان سان ملائيندڙ ريلوي ۽ علائقائي ٽرانسپورٽ رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن کي مال برادري جا خرچا گهٽ ڪرڻ ۽ زرعي جنسن لاءِ نئين منڊين تائين پهچ وڌائڻ جي حوالي سان اهم قرار ڏنو ويو. پاڪستان انب، زيتون، کجي، ڪيلي، پٽاٽي ۽ بصر سميت پنهنجي زرعي جنسن جي ايڪسپورٽ جي صلاحيت کي به اجاگر ڪيو ۽ قازقستان ۽ وچ ايشيائي مارڪيٽن تائين پهچ وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان ڏس ۾ بهتر لاجسٽڪس، مارڪيٽ تائين پهچ ۽ واپاري سهولتڪاري کي اهم قرار ڏنو ويو. زرعي مشينري ۽ ميڪانائيزيشن خاص ڪري ننڍي ۽ وچولي درجي جي آبادگارن لاءِ گهٽ لاڳت ٽريڪٽرز ۽ جديد زرعي اوزارن جي فراهمي جي حوالي سان گڏيل تعاون جي هڪ اهم امڪاني شعبي طور سامهون آيا. ٻنهي پاسن کان لاڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي جي نمائندن کي ان شعبي ۾ حصيداري جا امڪان ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي زرعي ادارن، تحقيقي مرڪزن ۽ ڪاروباري برادري وچ ۾ مضبوط رابطن جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا، سيڙپڪاري ۽ مارڪيٽ تي ٻڌل زرعي تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي. ٻنهي طرفن کان پاڪستان ۽ قازقستان جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ زراعت جي شعبي ۾ عملي تعاون کي نئين رفتار ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وسيع تر اقتصادي ۽ تزويراتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.












