سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 3500 روپين جي لاٿ رڪارڊ

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 3500 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 60 هزار 436 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3500 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 60 هزار 436 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 3500 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 60 هزار 436 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب خميس ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3500 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 60 هزار 436 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3001 روپين جي لاٿ کانپوءِ 3 لک 97 هزار 149 روپين کان گهٽجي 3 لک 94 هزار 749 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 64 هزار 617 روپين مان گهٽجي 3 لک 61 هزار 866 روپيا ٿي وئي. جڏهن ته في تولو چاندي جي قيمت 175 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6 هزار 936 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 150 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5 هزار 946 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4415 ڊالر کان گهٽجي 4380 ڊالر ٿي وئي.