لاڙڪاڻو-13 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائيبريري ۾ 14 آگسٽ جي حوالي سان جشن آزادي جي مناسبت سان شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو، نذير حسين ابڙو، وقار علي ڪناسرو، ساديه ابڙو، ريمان گاد سميت شهر جي مختلف تعليمي ادارن جي ٽيچرس ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي ترانو پڙهي پاڪستان جي آزادي …
لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائيبريري ۾ جشن آزادي جي مناسبت سان شاندار تقريب ڪوٺائي وئي
لاڙڪاڻو-13 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائيبريري ۾ 14 آگسٽ جي حوالي سان جشن آزادي جي مناسبت سان شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو، نذير حسين ابڙو، وقار علي ڪناسرو، ساديه ابڙو، ريمان گاد سميت شهر جي مختلف تعليمي ادارن جي ٽيچرس ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي ترانو پڙهي پاڪستان جي آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو چيو ته سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائيبريري جي گرلس سيڪشن طرفان اڄ هي شاندار پروگرام ڪوٺائي پنهنجي هيروز کي ڀيٽا پش ڪئي آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، اسين لائبريري جي انچارج سميت شاگردياڻين کي اڄوڪي ڏينهن تي مبارڪ بعد پيش ڪيون ٿا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر شمس الدين عباسي پڻ خطاب ڪيو.












