اسلام آباد - 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ سامونڊي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خميس ڏينهن هتي وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ گڏيل پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ …
پاڪستان ۽ ناروي پاران واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ موسمياتي تبديلي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق
اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، دفاع، موسمياتي تبديلي، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ سامونڊي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خميس ڏينهن هتي وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ گڏيل پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفو واپار هن وقت ٻنهي ملڪن جي معيشت جي صلاحيت کان گهٽ آهي ۽ موثر قدمن جي ذريعي ان کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هي دورو 2016ع کانپوءِ هڪ ڏهاڪي ۾ ناروي جي ڪنهن پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ناروي جي ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيش ڪري ٿو ۽ اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ناروي جون ڪيتريون ئي ناليواريون ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. هن ناروي جي ڪمپني يارا انٽرنيشنل ۽ پاڪستان جي هڪ مقامي ڀاڻ ڪمپني جي وچ ۾ پلانٽ نيوٽريشن جي شعبي ۾ قائم ٿيندڙ گڏيل منصوبي کي هڪ مثالي منصوبو قرار ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ “گرم جوش، تعميري ۽ جامع” ڳالهه ٻولهه دوران مختلف وزارتن جي وچ ۾ التوا هيٺ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڌندڙ ٽيڪنالاجي حصيداري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران ناروي جي لاءِ پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ پنجوڻ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. سامونڊي معاملن ۾ تعاون جي حوالي سان محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان دنيا ۾ جهازن جي ري سائيڪلنگ جي وڏي سهولتن مان هڪ رکندڙ آهي ۽ ان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ان کي ناروي مان ايندڙ جهازن جي لاءِ هن سامونڊي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ چٽاڀيٽي ۽ ويجهو ترين جهاز ري سائيڪلنگ مرڪز بڻائي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ناروي عوامي سطح تي رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پاڪ – ناروي پارلياماني دوستي گروپس پڻ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڌريون پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت جي لاءِ قانوني رستن تي ڪم جاري رکڻ تي پڻ متفق آهن جڏهن ته انساني اسمگلنگ ۽ غيرقانوني لڏپلاڻ جي تدارڪ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. هن ناروي جي پرڏيهي وزير کي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کان آگاهه ڪيو جيڪو ڊگهي عرصي کان حل طلب عالمي تڪرارن ۾ شامل آهي ۽ 1948ع کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي جڏهن ته سلامتي ڪائونسل ان حوالي سان ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪري چڪي آهي. هن چيو ته ڀارت هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪندي اڳ کان موجود ڇڪتاڻ واري سيڪيورٽي صورتحال کي خراب ڪيو آهي. هن ڀارت تي زور ڀريو ته هو پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جو سلسلو ختم ڪري ۽ پنهنجي عالمي قانوني ذميوارين تحت معاهدي جي پاسداري ڪري. نائب وزيراعظم ناروي جي پرڏيهي وزير کي آمريڪا ۽ ايران جي تڪرار جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ پرامن حل جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي ثالثي ڪردار کي ساراهڻ تي ناروي جا ٿورا ادا ڪيا جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ مسلسل رابطو پڻ برقرار رهيو آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو. ناوي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ آئيڊي ان موقعي تي ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي خدمتن کي اجاگر ڪيو ۽ اي ايف ٽي اي – پاڪستان فريم ورڪ جي ذريعي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حمايت ڪئي. هن ايران تي اسرائيلي – آمريڪي حملي کانپوءِ امن ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي خصوصي طور تي ساراهيندي چيو ته عالمي قانون ۽ رياستن جو تحفظ سڀني جي لاءِ هڪ جهڙي طور تي لاڳو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته امن جي لاءِ ثالثي ۽ سهولت کان واقف هجڻ جي ناطي آئون ڄاڻان ٿو ته اهو ڪيترو مشڪل آهي. هن چيو ته آئون ڄاڻان ٿو ته جڏهن توهان اسلام آباد کي نه رڳو ان ڳالهه ٻولهه جي مقام پر ان ۾ سهولتڪاري جي مرڪز جي طور تي پيش ڪريو ٿا ته توهان ڪيتري وڏي ذميواري کڻي رهيا آهيو. هن چيو ته توهان ذاتي طور تي، پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، اهو دنيا جي لاءِ ۽ اسان جي لاءِ پڻ هڪ حقيقي خدمت آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين علائقائي استحڪام بشمول ڄمون ۽ ڪشمير ۽ افغانستان مان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي چئلينجز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪندي هن چيو ته ناروي جا ٻنهي ملڪن سان ويجها لاڳاپا آهن جن ۾ فلسطين جي لاءِ ٻه رياستي حل جي حوالي سان سعودي عرب سان گڏيل ڪوششون پڻ شامل آهن. موسمياتي تبديلي کي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مسئلو قرار ڏيندي ۽ پاڪستان جي شديد ٻوڏن کان متاثر ٿيڻ جي نشاندهي ڪندي ناروي جي پرڏيهي وزير هٿياربند تڪرارن جي خاتمي تي زور ڏنو ته جيئن عالمي ڌيان موسمياتي تبديلي، قدرتي ماحول جي تحفظ، عالمي صحت ۽ غربت جي خاتمي جهڙن گڏيل چئلينجز طرف ڏئي سگهجي.











